غزه ۾ جنگ نه روڪي وئي ته اسرائيل کي وڌيڪ پابندين کي منھن ڏيڻو پوندو: برطانيا

لنڊن - 23 جولاءِ (اي پي پي) برطانيا چيو آھي ته غزه ۾ جنگ نه روڪي وئي ته اسرائيل کي وڌيڪ پابندين کي منھن ڏيڻو پوندو. پرڏيھي خابرو اداري مطابق برطانيا جي پرڏيھي وزير ڊيوڊ ليمي خبردار ڪيو آھي ته جيڪڏھن اسرائيل غزه ۾ جنگبندي تي راضپو ظاھر نه ڪيو ته ان کي برطانيا طرفان وڌيڪ پابندين کي منھن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو. ھن ميڊيا سان ڳالھائيندي اسرائيل جي قدمن …

لنڊن – 23 جولاءِ (اي پي پي) برطانيا چيو آھي ته غزه ۾ جنگ نه روڪي وئي ته اسرائيل کي وڌيڪ پابندين کي منھن ڏيڻو پوندو. پرڏيھي خابرو اداري مطابق برطانيا جي پرڏيھي وزير ڊيوڊ ليمي خبردار ڪيو آھي ته جيڪڏھن اسرائيل غزه ۾ جنگبندي تي راضپو ظاھر نه ڪيو ته ان کي برطانيا طرفان وڌيڪ پابندين کي منھن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو. ھن ميڊيا سان ڳالھائيندي اسرائيل جي قدمن تي سخت ردعمل ظاھر ڪندي چيو ته مان غزه ۾ اسرائيلي ڪارروائين تي مايوس ۽ سخت ناپسندگي محسوس ڪري رھيو آھيان. ھڪ گڏيل بيان ۾ برطانيا جي پرڏيھي وزير ڊيوڊ ليمي ۽ 24 ملڪن جي پرڏيھي وزيرن جن ۾ فرانس، ڪينيڊا ۽ آسٽريليا به شامل آھن غزه ۾ انساني امداد جي فراھمي تي لاڳو پابنديون ھٽائڻ جو مطالبو ڪيو. بيان ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا جي حمايت ڪندڙ امدادي نظام کي تنقيد جو نشاڻو بڻايو ويو ۽ بيان ۾ چيو ويو ته اھڙا اطلاع سامھون آيا آھن جنھن مطابق اسرائيلي فوج خوارڪ وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارن فلسطين جي شھرين تي فائرنگ ڪئي.