عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ لاٿ جو رجحان

نيويارڪ -22 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو، جنهن جو سبب آمريڪا ۽ يورپي يونين وچ ۾ واپاري جنگ جي خدشن سبب سيڙپڪارن ۾ ڳڻتي ڏسڻ ۾ آئي. گذريل ڏينهن واپاري سرگرمين دوران برينٽ ڪروڊ جا اگهه 52 سينٽ (0.75 سيڪڙو)  جي گهٽتائي کان پوءِ 68.69  ڊالر في بيرل تي اچي ويا جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس  انٽرميڊيٽ جا سودا …

نيويارڪ -22 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو، جنهن جو سبب آمريڪا ۽ يورپي يونين وچ ۾ واپاري جنگ جي خدشن سبب سيڙپڪارن ۾ ڳڻتي ڏسڻ ۾ آئي. گذريل ڏينهن واپاري سرگرمين دوران برينٽ ڪروڊ جا اگهه 52 سينٽ (0.75 سيڪڙو)  جي گهٽتائي کان پوءِ 68.69  ڊالر في بيرل تي اچي ويا جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس  انٽرميڊيٽ جا سودا 51 سينٽ (0.76 سيڪڙو) جي گهٽتائي سان 66.69  ڊالر  في بيرل ۾ طئي ٿيا. ماهرن مطابق آمريڪا ۽ يورپي يونين، جيڪي دنيا ۾ ڪچي تيل جا وڏا صارف آهن، وچ اوڀر ۾ اڀرندڙ واپاري جنگ سبب اقتصادي سرگرمين ۾ امڪاني گهٽتائي ۽ ٻارڻ جي طلب ۾ سستي جي خدشن سيڙپڪارن جي جذبن تي ناڪاري اثر وڌا آهن. ٻنهي بينچ مارڪ  جي تيل جي قيمتن ۾ گذريل ڏينهن  به معمولي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي ئي.