اسلام آباد-20 جولاءِ (اي پي پي) ايشين انڊر -16 والي بال چيمپئن شپ ۾ تاريخي ڪاميابي تي پاڪستان اسپورٽس بورڊ (پي ايس بي) والي بال ٽيم جي رانديگرن ۽ ڪوچنگ اسٽاف کي 82 لک روپين جي روڪ انعام سان نوازيندو. پاڪستان اسپورٽس بورڊ طرفان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پي ايس بي جي 2024ع جي تازي ڪيش ايوارڊ پاليسي مطابق ساليانو عالمي سطح تي ٽيم ايونٽس ۾ سون …
پاڪستان انڊر -16 والي بال ٽيم کي ايشين چيمپئن شپ ۾ تاريخي ڪاميابي تي پاڪستان اسپورٽس بورڊ طرفان 82 لک روپين جو روڪ انعام

مزید خبریں
اسلام آباد-20 جولاءِ (اي پي پي) ايشين انڊر -16 والي بال چيمپئن شپ ۾ تاريخي ڪاميابي تي پاڪستان اسپورٽس بورڊ (پي ايس بي) والي بال ٽيم جي رانديگرن ۽ ڪوچنگ اسٽاف کي 82 لک روپين جي روڪ انعام سان نوازيندو. پاڪستان اسپورٽس بورڊ طرفان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پي ايس بي جي 2024ع جي تازي ڪيش ايوارڊ پاليسي مطابق ساليانو عالمي سطح تي ٽيم ايونٽس ۾ سون جو ميڊل کٽڻ وارن رانديگرن کي انفرادي انعام جو 30 سيڪڙو ڏنو ويندو آهي، جيڪو في رانديگر 6 لک روپيا ٺهي ٿو. 12 رڪني اسڪواڊ لاءِ اهي مجموعي طور تي 72 لک روپيا ٺهن ٿا. ان کانسواءِ پي ايس بي جي پاليسي ڪوچنگ اسٽاف لاءِ ٽيم ايوارڊ جو 50 سيڪڙو مختص ڪيو آهي، جنهن تحت ڪوچ کي 10 لک روپيا ڏنا ويندا. ائين رانديگرن ۽ ڪوچنگ اسٽاف لاءِ مجموعي طور تي 82 لک روپين جي منظوري ڏني وئي آهي. پاڪستان، ٿائي لينڊ ۾ ٿيل ان ٽورنامنٽ فائنل ۾ ايران کي 3-2 تان شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي ۽ سڄي ٽورنامنٽ ۾ ناقابل شڪست رهي. پي ايس بي ترجمان مطابق اها انعامي رقم ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ جاري ڪئي ويندي، جيڪا مختلف عمر جي رانديگرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي ۽ مالي معاونت فراهم ڪرڻ جي بورڊ جي پاليسي جو حصو آهي.











