پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي طرفان ورلڊ ماسٽرز اسنوڪر چيمپيئن شپ کٽڻ تي محمد آصف کي مبارڪون

راولپنڊي – 19 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي ورلڊ ماسٽرز اسنوڪر چيمپيئن شپ کٽڻ تي محمس آصف کي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن. پي سي بي مان جاري بيان مطابق محسن نقوي چيون ته ويلڊن محمد آصف، قوم کي توهان تي فخر آهي. هن چيو ته محمد آصف فائنل ۾ ڀارتي مخالف کي شڪست ڏئي نه رڳو پاڪستان جي قومي جهنڊي …

راولپنڊي – 19 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي ورلڊ ماسٽرز اسنوڪر چيمپيئن شپ کٽڻ تي محمس آصف کي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن. پي سي بي مان جاري بيان مطابق محسن نقوي چيون ته ويلڊن محمد آصف، قوم کي توهان تي فخر آهي. هن چيو ته محمد آصف فائنل ۾ ڀارتي مخالف کي شڪست ڏئي نه رڳو پاڪستان جي قومي جهنڊي جي شان ۾ اضافو ڪيو پر پنهنجي زبردست مهارت ۽ صلاحيتن کي به مڃرايو. محسن نقوي جو چوڻ هو ته محمد آصف قوم جو مان ۽ وقار وڌايو، راند هجي يا ٻيو ڪو ميدان پاڪستان هر محاذ تي ڪاميابين جا جهنڊا کوڙي رهيو آهي. هن عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ اسانجي باصلاحيت نوجوانن جي ڪاميابين جو سلسلو ايئن ئي جاري رهندو. واضح رهي ته پاڪستان اسنوڪر جي ڪنگ محمد آصف آءِ بي ايس ايف ورلڊ ماسٽرز اسنوڪر چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ ڀارتي مخالف کي شڪست ڏئي ورلڊ ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو.