جميڪا -16 جولاءِ (اي پي پي) آسٽريليا جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بهترين آل رائونڊر گلين ميڪسويل چيو آهي ته ميزبان ٽيم کي پهرين ٽي - ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست ڏئي سيريز جي شروعات فاتحاڻي انداز ۾ ڪنداسين. 36 سالن جي بهترين رانديگر چيو ته ويسٽ انڊيز خلاف ٽي - ٽوئنٽي سيريز لاءِ سندس ٽيم ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي. هن چيو ته ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي سندن سرزمين تي …
ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي پهرين ٽي – ٽوئنٽي ۾ شڪست ڏئي سيريز جي شروعات فاتحانه انداز ۾ ڪنداسين: گلين ميڪسويل

مزید خبریں
جميڪا -16 جولاءِ (اي پي پي) آسٽريليا جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بهترين آل رائونڊر گلين ميڪسويل چيو آهي ته ميزبان ٽيم کي پهرين ٽي – ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست ڏئي سيريز جي شروعات فاتحاڻي انداز ۾ ڪنداسين. 36 سالن جي بهترين رانديگر چيو ته ويسٽ انڊيز خلاف ٽي – ٽوئنٽي سيريز لاءِ سندس ٽيم ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي. هن چيو ته ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي سندن سرزمين تي هارائڻ آسان ناهي پر سندن ٽيم سيريز جي ابتدائي ٽي – ٽوئنٽي ميچ کان اڳ ڀرپور تياري ڪري رهي آهي.هن چيو ته ميزبان ٽيم خلاف سندن سرزمين تي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست ڏيڻ کان پوءِ ٽيم جا حوصلا بلند آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي شروعاتي ميچ ۾ شڪست ڏئي 5 ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي شروعات فاتحاڻي انداز ۾ ڪنداسين. هن پنهنجي ٽيم کي خبردار ڪندي چيو ته ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز وانگر ٽي – ٽوئنٽي سيريز ۾ به ڪاميابي لاءِ ٽنهي شعبن ۾ 100 سيڪڙو ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.











