مانچسٽر -16 جولاءِ (اي پي پي) انگلينڊ جي مردن واري قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بهترين بيٽسمين جوروٽ چيو آهي، ته مهمان ڀارتي ٽيم کي ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏيڻ کان پوءِ سندن ٽيم جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي. 34 سالن جي رانديگر چيو ته ڀارت خلاف ٽيسٽ سيريز جي چوٿين ميچ لاءِ سندن ٽيم سخت تيارين ۾ مصروف آهي. هن چيو ته ڀارت جي ٽيم کي شڪست ڏيڻ آسان …
ڀارت کي چوٿين ٽيسٽ ميچ ۾ به هارائي سيريز ۾ 3-1 جي فيصلائتي برتري حاصل ڪنداسين: جوروٽ

مزید خبریں
مانچسٽر -16 جولاءِ (اي پي پي) انگلينڊ جي مردن واري قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بهترين بيٽسمين جوروٽ چيو آهي، ته مهمان ڀارتي ٽيم کي ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏيڻ کان پوءِ سندن ٽيم جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي. 34 سالن جي رانديگر چيو ته ڀارت خلاف ٽيسٽ سيريز جي چوٿين ميچ لاءِ سندن ٽيم سخت تيارين ۾ مصروف آهي. هن چيو ته ڀارت جي ٽيم کي شڪست ڏيڻ آسان ناهي جڏهن ته سندن ٽيم سيريز جي ايندڙ ميچ کان اڳ ڀرپور تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته سندن ٽيم ۾ اهڙا رانديگر موجود آهن جيڪي ڪنهن به وقت ميچ جو پاسو بدلائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته هو ڀارتي ٽيم خلاف چوٿين ٽيسٽ ميچ ۾ به پنهنجي شاندار ڪارڪردگي عيوض ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪنداسين. واضح رهي ته انگلينڊ ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنج ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ميچ 23 کان 27 جولاءِ تائين ايمريٽس اولڊ ٽريفورڊ، مانچسٽر ۾ کيڏي ويندي.











