ڪنگسٽن-15 جولاءِ (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا خلاف ڪنگسٽن ۾ کڏيل ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ جي هڪ اننگز ۾ صرف 27 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جيڪو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 70 سان جي تاريخ ۾ ٻيو گهٽ ترين اسڪور آهي. اها عبرتناڪ ڪارڪردگي 1955ع ۾ نيوزي لينڊ طرفان آڪلينڊ ۾ انگلينڊ خلاف ٺاهيل 26 رنسن کانپوءِ ڏٺي وئي جيڪو هن وقت تائين ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو سڀ …
ڪنگسٽن ٽيسٽ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جي بدترين اننگز، آسٽريليا خلاف 27 رنسن تي سمورا رانديگر آئوٽ

مزید خبریں
ڪنگسٽن-15 جولاءِ (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا خلاف ڪنگسٽن ۾ کڏيل ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ جي هڪ اننگز ۾ صرف 27 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جيڪو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 70 سان جي تاريخ ۾ ٻيو گهٽ ترين اسڪور آهي. اها عبرتناڪ ڪارڪردگي 1955ع ۾ نيوزي لينڊ طرفان آڪلينڊ ۾ انگلينڊ خلاف ٺاهيل 26 رنسن کانپوءِ ڏٺي وئي جيڪو هن وقت تائين ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو سڀ کان گهٽ اسڪور آهي. ويسٽ انڊين بيٽنگ لائن مڪمل طور تي ناڪام رهي ۽ 204 رنسن جي گهربل هدف ۾ پوري ٽيم ٽئين ڏينهن 27 رنسن تي ڍير ٿي وئي. حيران ڪن طور تي ويسٽ انڊيز جا 7 رانديگر ٻڙي تي آئوٽ ٿيا جن مان 4 رانديگرن گولڊن ڊڪ يعني پهرين ئي بال تي آئوٽ ٿيا. آسٽريلوي فاسٽ بالر مچل اسٽاڪ شاندار بالنگ ڪندي صرف 9 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون حاصل ڪيون. ان شاندار ڪارڪردگي سان هو نه صرف پنهنجي 100هين ٽيسٽ کي يادگار بڻائڻ ۾ ڪامياب رهيو، پر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 400 وڪيٽن جو سنگ ميل به عبور ڪري ورتو. واضح رهي ته ان کان اڳ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم به 2 ڀيرا 30 رنسن تي آل آئوٽ ٿي چڪي آهي، پر ويسٽ انڊيز جو اهو اسڪور هاڻي تائين جي تاريخ جو ٻيو گهٽ ترين ٽيسٽ اسڪور بڻجي چڪو آهي.











