لنڊن -15 جولاءِ (اي پي پي) انگلينڊ ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جو چوٿون ميچ 23 کان 27 جولاءِ تائين ايمريٽس اولڊ ٽريفورڊ، مانچسٽر ۾ کيڏيو ويندو، ميزبان انگلينڊ جي ٽيم کي مهمان ڀارتي ٽيم خلاف پنجن ميچن جي ٽيسٽ سيريز ۾ 2-1 جي سرسي حاصل آهي. پهرين ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ ڀارت کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي، برمنگهم …
انگلينڊ ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چوٿون ٽيسٽ ميچ 23 جولاءِ کان شروع ٿيندو

مزید خبریں
لنڊن -15 جولاءِ (اي پي پي) انگلينڊ ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جو چوٿون ميچ 23 کان 27 جولاءِ تائين ايمريٽس اولڊ ٽريفورڊ، مانچسٽر ۾ کيڏيو ويندو، ميزبان انگلينڊ جي ٽيم کي مهمان ڀارتي ٽيم خلاف پنجن ميچن جي ٽيسٽ سيريز ۾ 2-1 جي سرسي حاصل آهي. پهرين ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ ڀارت کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي، برمنگهم ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ مهمان ڀارتي ٽيم ڪم بيڪ ڪندي ميزبان انگلينڊ کي 336 رنسن تان هارائي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ورتي هئي. جڏهن ته ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي ٽيم کي 22 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 2-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي. ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت بهترين بيٽسمين شڀمن گل ڪري رهيو آهي، جڏهن ته انگلينڊ جي ٽيم کي بهترين آل رائونڊر بين اسٽوڪس ليڊ ڪري رهيو آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ چوٿون ٽيسٽ ميچ 23 کان 27 جولاءِ تائين، جڏهن ته پنجون ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 31 جولاءِ کان 4 آگسٽ تائين کيڏيو ويندو.











