ڪولمبو -15 جولاءِ (اي پي پي) سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جو ٽيون ۽ آخري ميچ 16 جُولاءِ تي آر پريما داسا اسٽيڊيم ڪولمبو ۾ کيڏيو ويندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر آهي. سريلنڪا جي ٽيم پهرين ميچ ۾ بنگلاديش کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي جڏهن ته بنگلاديش ٽيم ٻي …
سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جو آخري ميچ 16 جُولاءِ تي کيڏيو ويندو

مزید خبریں
ڪولمبو -15 جولاءِ (اي پي پي) سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جو ٽيون ۽ آخري ميچ 16 جُولاءِ تي آر پريما داسا اسٽيڊيم ڪولمبو ۾ کيڏيو ويندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر آهي. سريلنڪا جي ٽيم پهرين ميچ ۾ بنگلاديش کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي جڏهن ته بنگلاديش ٽيم ٻي ميچ ۾ بهترين ڪم بيڪ ڪندي ميزبان ٽيم کي 83 رنسن تان هارائي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ورتي هئي. ياد رهي ته ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٽيسٽ سيريز سريلنڪا 1-0 تان کٽي ورتي هئي، جڏهن ته هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن جي سيريز ۾ به سريلنڪا 2-1 تان بنگلاديش کي هارائي چڪي آهي. ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ سريلنڪا کي چارٿ اسالنڪا ليڊ ڪري رهيو آهي، جڏهن ته بنگلاديشي ٽيم جي قيادت لٽن داس ڪري رهيو آهي.











