اسپين پاران فيفا ورلڊ ڪپ 2030ع جي ميزباني تان هٿ کڻڻ جو اعلان

ميڊرڊ -13 جولاءِ (اي پي پي)اسپين پنهنجي شهر ملقه ۾ ٿيندڙ 2030ع جي فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني تان باضابطا طور هٿ کڻي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق شهر جي ميئر فيرانسسڪودي لاتوري گذريل ڏينهن ان فيصلي جو اعلان ڪندي چيو ته اهو قدم گڏيل مشاورت ۽ موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. هن اسپين جي مشهور اخبار ”مارڪا“ سان ڳالهائيندي چيو ته سمورين ملاقاتن ۽ گڏيل …

ميڊرڊ -13 جولاءِ (اي پي پي)اسپين پنهنجي شهر ملقه ۾ ٿيندڙ 2030ع جي فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني تان باضابطا طور هٿ کڻي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق شهر جي ميئر فيرانسسڪودي لاتوري گذريل ڏينهن ان فيصلي جو اعلان ڪندي چيو ته اهو قدم گڏيل مشاورت ۽ موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. هن اسپين جي مشهور اخبار ”مارڪا“ سان ڳالهائيندي چيو ته سمورين ملاقاتن ۽ گڏيل خدشن کان اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته سڀ کان وڌيڪ سياڻپ، منطقي ۽ ذميواراڻو فيصلو اهو ئي آهي ته ملقه پنهنجي ميزباني جي درخواست واپس وٺي. جيڪڏهن ان سان شوقينن لاءِ مسئلا  پيدا ٿين ٿا ته پوءِ اهو عمل بي معنيٰ آهي. اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اسان اها درخواست شروعاتي طور تي هڪ نئين اسٽيڊيم تعمير ڪرڻ جي نيت سان ڏني هئي، هن چيو ته جيڪڏهن معاملو پيچيده ٿي ويو آهي ۽ اسان کي ورلڊڪپ ۾ ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي آهي، ته اسان ڪلب ۽ ان جي چاهيندڙن سان گڏ آهيون. اسان ملقه فٽبال ڪلب ۽ ان جي شوقينن سان گڏ آهيون، اهو ٽنهي مقامي ادارن جو گڏيل احساس آهي. ياد رهي ته فيفا ورلڊڪپ 2030ع جا مقابلا اسپين، پرتگال ۽ مراڪش ۾ منعقد ٿيندا.