اٽلانٽا-25 جون (اي پي پي) فٽ بال جي عالمي تنظيم فيفا جي اهتمام هيٺ آمريڪا ۾ جاري ڪلب ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ ۾ خميس 26 جُون تي وڌيڪ چار ميچ کيڏيا ويندا. ٻه ميچ گروپ جي ۽ ٻه ميچون گروپ ايڇ ۾ کيڏيا ويندا. گروپ جي، جو پهريون ميچ اٽلي جي ڪلب ٽيم جووينٽس ۽ انگلينڊ جي ڪلب ٽيم ۽ دفاعي چيمپئن مانچسٽر سٽي جي ٽيمن وچ ۾ ڪيمپنگ ورلڊ اسٽيڊيم …
فيفا عالمي ڪلب فٽ بال ٽورنامينٽ ۾ 26 جُون تي وڌيڪ 4 ميچن جو فيصلو ٿيندو

مزید خبریں
اٽلانٽا-25 جون (اي پي پي) فٽ بال جي عالمي تنظيم فيفا جي اهتمام هيٺ آمريڪا ۾ جاري ڪلب ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ ۾ خميس 26 جُون تي وڌيڪ چار ميچ کيڏيا ويندا. ٻه ميچ گروپ جي ۽ ٻه ميچون گروپ ايڇ ۾ کيڏيا ويندا. گروپ جي، جو پهريون ميچ اٽلي جي ڪلب ٽيم جووينٽس ۽ انگلينڊ جي ڪلب ٽيم ۽ دفاعي چيمپئن مانچسٽر سٽي جي ٽيمن وچ ۾ ڪيمپنگ ورلڊ اسٽيڊيم ۽ لينڊو واري هنڌ کيڏيو ويندو، جڏهن ته گروپ جي، جو ٻيو ميچ مراڪش جي ڪلب ٽيم وائڊڊ ۽ متحده عرب امارت جي ڪلب ٽيم العين وچ ۾ آڊي فيلڊ، واشنگٽن، ڊي سي ۾ کيڏيو ويندو. اهڙي طرح گروپ ايڇ جو پهريون ميچ سعودي عرب جي الهلال ڪلب ۽ ميڪسيڪو جي پچوڪا ڪلب جي ٽيمن وچ ۾ جيوڊيس پارڪ، نيش وِل ۾ کيڏيو ويندو، جڏهن ته گروپ ايڇ جو ٻيو ميچ آسٽريا جي ريڊبل سالزبرگ ڪلب ۽ اسپين جي ريال ميڊرڊ ڪلب جي ٽيمن وچ ۾ لنڪن فنانشل فيلڊ، فلاڊيلفيا واري هنڌ کيڏيو ويندو، ميگا ايونٽ جا سمورا ميچ آمريڪا جي 11 مختلف هنڌن تي کيڏيا ويندا. 14 جون کان شروع ٿيل ڪلب فٽ بال ورلڊ ڪپ جو 21 هون ايڊيشن 13 جولاءِ تي ايسٽ ردرفورڊ ۾ کيڏي ويندڙ فائنل ميچ سان پڄاڻي تي پهچندو. فيفا ڪلب ورلڊ ڪپ ۾ 32 ڪلب ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ زور آزمائينديون. انگلينڊ جي ڪلب ٽيم مانچسٽر سٽي ميگا ايونٽ ۾ ٽائيٽل جي دفاع لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، فيفا ڪلب ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ اسپين جي ڪلب ٽيم ريال ميڊرڊ کي سڀ کان وڌيڪ پنج ڀيرا ٽائيٽل کٽڻ جو اعزاز حاصل آهي. ميگا ايونٽ جو پري ڪواٽر فائنل رائونڊ 28 جون کان پهرين جولاءِ تائين کيڏيو ويندو جنهن کانپوءِ ڪوارٽر فائنلز 4 ۽ 5 جولاءِ تي کيڏيا ويندا. ان کانپوءِ ميگا ايونٽ جو پهريون سيمي فائنل 8 جولاءِ جڏهن ته ٻيو سيمي فائنل ميچ 9 جولاءِ تي کيڏيو ويندو، فيفا ڪلب ورلڊ ڪپ 2026ع جو فائنل 13 جولاءِ تي ميٽ لائف اسٽيڊيم، ايسٽ ردرفورڊ ۾ کيڏيو ويندو.











