وفاقي وزير رانا تنوير حسين ۽ روس جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين پاڪستان ۾ روس سفير سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ زرعي شعبي ۾ ٻه طرفي واپار جي اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون جنهن ۾ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ واپاري رڪاوٽن جي حل لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ويو. وفاقي وزير روسي سفير جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان ۽ روس …

اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين پاڪستان ۾ روس سفير سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ زرعي شعبي ۾ ٻه طرفي واپار جي اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون جنهن ۾ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ واپاري رڪاوٽن جي حل لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ويو. وفاقي وزير روسي سفير جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان ۽ روس وچ ۾ پُراڻن ناتن کي ساراهيو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان زرعي شعبي ۾ ٻه طرفي واپار کي هٿي وٺرائڻ چاهي ٿو جيڪو ٻنهي ملڪن جي خوشگوار سفارتي ناتن جو مظهر آهي. ملاقات دوران وفاقي وزير هلندڙ سال پاڪستان مان ڪِينو ۽ پٽاٽي جي روانگي واپار جي درپيش چئلينجز جو ذڪر ڪيو. هن انهن مسئلن کي جلد ۽ اثرائتي حل جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن واپاري سلسلو بنا رنڊڪ جي جاري رهي سگهي ۽ ٻنهي ملڪن کي معاشي فائدا حاصل ٿين. وفاقي وزير روسي سفير کي آگاهه ڪيو ته نباتات جي تحفط واري کاتي روس جي ويٽرنري ۽ فائيٽو سينيٽري نگراني بابت فيڊرل سروس (ايف ايس وي پي ايس) طرفان اُٿاريل خدشن جي بنياد تي هڪ جامع سائنسي ۽ فني تحققيق ڪئي. اها تحقيق سائنسي مواد، موسمياتي جائزه رپورٽس ۽ ليبارٽري نتيجن تي ٻَڌل هئي، جن جي بنياد تي اهو ثابت ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ ”ميڊيٽرينين فروٽ فلاءِ“ جي موجودگي جو ڪو ٺوس ثبوت موجود ناهي. ان فني ڏي وٺ کانپوءِ ايف ايس وي پي ايس ڪينو جي آمدني واپار بابت پنهنجا اعتراض واپس وٺي ڇڏيا. پٽاٽي جي معاملي ۾ به وفاقي وزير ٻُڌايو ته ڊي پي پي روسي عملدارن کي تفصيلي سائنسي شاهديون فراهم ڪيون جن ۾ واضح ڪيو ويو ته روس پاران نشاندهي ڪيل بيماريون پاڪستان ۾ موجود ناهن. هي مواد نيڪ نيتي ۽ مڪمل فني سهڪار سان فراهم ڪيو ويو ته جيئن پاڪستان زرعي روانگي واپار جي ساک برقرار رکي سگهي. روسي سفير وفاقي وزير کي خاطري ڪرائي ته هو پٽاٽي جي راهه هموار ۽ روانگي واپار جي مڪمل بحاليءَ لاءِ روس ۾ لاڳاپيل عملدارن سان فوري طور تي رابطو ڪندو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ڌُرين زرعي واپار ۽ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں