فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جو آمريڪا جو دورو سنگ ميل ثابت ٿيندو: راڻا تنوير حسين

شيخوپوره-21 جون (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جو آمريڪا جو دورو پاڪستان جي وقار، خودمختياري، آزادي ۽ دفاعي ميدان ۾ ان جي حيثيت کي تسليم ڪرڻ لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان ڳالهه کي تسليم ڪري ورتو آهي ته پاڪستان ڪو …

شيخوپوره-21 جون (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جو آمريڪا جو دورو پاڪستان جي وقار، خودمختياري، آزادي ۽ دفاعي ميدان ۾ ان جي حيثيت کي تسليم ڪرڻ لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان ڳالهه کي تسليم ڪري ورتو آهي ته پاڪستان ڪو دهشتگرد ملڪ ناهي پر هڪ پرامن جمهوريت پسند ۽ انسانيت دوست ملڪ آهي جنهن دهشتگردي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، هن دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعتماد جي فضا قائم ٿيڻ سان ٻطرفي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ واڌ ۽ استحڪام ايندو. هن وقت ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آهن جنهن جو آمريڪا سميت پوري دنيا کي احساس ٿي ويو آهي. اهڙو اظهار هن اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته ايوان ۾ بجيٽ تي ٿيل بحث کانپوءِ حڪومت ضروري ترميمون ڪري رهي آهي، وفاقي حڪومت عوام تي ڪنهن به قسم جو بار وجهڻ جو ارادو نٿي رکي، آءِ ايم ايف کان قرضن جي حاصلات ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ اڻٽر هو پر حڪومت قرضن تي وڌيڪ نه ڀاڙيندي پر ملڪي وسيلن کي معاشي ترقي لاءِ استعمال ۾ آندو ويندو. حالتون ڀلي ڪيتريون به مشڪل ڇو نه هجن عام ماڻهو تي مهانگائي جو بار هرگز نه وڌو ويندو، عوام کي مهانگائي جي حوالي سان وڌيڪ رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اهم ترجيح آهي، وفاقي حڪومت وانگر پنجاب حڪومت به عوام دوست بجيٽ پيش ڪيو ۽ عوامي امنگن جي ترجماني ڪندي عام ماڻهو جي فلاح لاءِ بهترين سڌارا متعارف ڪرايا. پنجاب جي بجيٽ کي به حتمي منظوري کانپوءِ فوري لاڳو ڪيو ويندو، جنهن سان صوبائي ترقي جي رفتار ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي، موجوده حڪومت عوام کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪري رهي آهي، حڪومتي قدمن سان عوام کي مهانگائي جي حوالي سان رليف مليو آهي ۽ معاشي واپاري سرگرميون بحال ٿيڻ سان بيروزگاري ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي، جلد سمورا معاشي مسئلا ختم ۽ عوام خوشحال ٿيندو.

مزید خبریں