پاڪستان گهٽ عالمي حمايت جي باوجود لکين افغان ڀائرن جي ميزباني ڪئي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي تڪرارن کي گڏيل قومن جي چارٽر ۾ ڏنل عالمي قانونن موجب ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي روڪڻ ۽ حل ڪرڻ گهرجي، پاڪستان گهٽ عالمي حمايت جي باوجود افغانستان ۾ عدم استحڪام جي مختلف مرحلن دوران تڪرارن کان بچڻ جي لاءِ لکين افغان ڀائرن جي ميزباني ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ …

اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي تڪرارن کي گڏيل قومن جي چارٽر ۾ ڏنل عالمي قانونن موجب ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي روڪڻ ۽ حل ڪرڻ گهرجي، پاڪستان گهٽ عالمي حمايت جي باوجود افغانستان ۾ عدم استحڪام جي مختلف مرحلن دوران تڪرارن کان بچڻ جي لاءِ لکين افغان ڀائرن جي ميزباني ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن سال پناهگيرن جو عالمي ڏينهن سڄي دنيا ۾ وڌندڙ چئلينجز جي پس منظر ۾ ملهايو پيو وڃي جيڪي لکين ماڻهن کي جبري بي گهر ٿيڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جبري طور تي بي گهر ٿيڻ ۽ پناهگيرن جي حالتن جو بنيادي محرڪ هجڻ جي ناطي عالمي تڪرارن کي گڏيل قومن جي چارٽر ۾ ڏنل عالمي قانونن موجب ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي روڪڻ ۽ حل ڪرڻ گهرجي، رڳو پرامن ذريعن ۽ بنيادي سببن کي حل ڪرڻ سان ئي اسان پناهگيرن جي ڊگهي پناهگيري جي رجحان کي تبديل ڪرڻ جي اميد ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته چار ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان پاڪستان گهٽ عالمي حمايت جي باوجود افغانستان ۾ عدم استحڪام جي مختلف مرحلن دوران تڪرارن کان بچڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ آيل لکين افغان ڀائرن جي ميزباني ڪئي آهي، پنهنجا گهر ۽ دل کولي پاڪستاني عوام پنهنجي افغان ڀينرن ۽ ڀائرن سان مثالي مهمان نوازي جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان همدرديءَ، سخاوت ۽ مهمان نوازي جي قدرن کي مستقل طور تي برقرار رکيو آهي، اسان پنهنجي تعليمي نظام، صحت جي سارسنڀال ۽ ٻين سماجي شعبن تائين افغان شهرين کي پهچ ڏني جيڪا افغانستان جي ايندڙ نسلن کي پنهنجي ملڪ جي امن ۽ ترقي ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ بااختيار بڻائڻ جي اسان جي پختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. اسان کي افغان شهرين تي فخر آهي ته اهي راندين ۽ مختلف پيشن ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن جيڪو پاڪستان ۾ حاصل ڪيل تعليم ۽ تربيت جو نتيجو آهي. جڏهن اهي پنهنجي وطن واپس موٽڻ شروع ڪندا، اسان کي يقين آهي ته اهي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خيرسگالي جي پل جو ڪم ڪندا ۽ اسان جي ٻنهي قومن جي وچ ۾ ڀائيچاري جي پائيدار تعلق کي وڌيڪ مضبوط ڪندا. هن چيو ته اچو اڄ اسان انسانيت، همدرديءَ ۽ عالمي تعاون جي بنيادي قدرن جي فروغ جي وچن جي تجديد ڪريون. پناهگيرن، انهن جي ميزبان ڪميونٽيز ۽ انهن جي اباڻي ملڪن جو بار ونڊڻ ۽ عالمي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ جي لاءِ مسلسل يڪجهتي ۽ حمايت جي ضرورت آهي. پناهگيرن جي انهن جي پياري وطن ۾ واپسي بهترين ۽ پائيدار حل آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي گڏيل ڪوشش ڪرڻي پوندي. اڄ جي ڏينهن آئون ڪيترن ئي چئلينجز جي باوجود پناهگيرن ۽ زبردستي بي گهر ٿيندڙ ماڻهن کي امداد ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ انساني همدرديءَ جي ڪارڪنن، انساني همدرديءَ جي تنظيمن ۽ خاص طور تي يو اين ايڇ سي آر جي ڪوششن کي پڻ ساراهيان ٿو.

مزید خبریں