اسلام آباد-20 جون (اي پي پي) سيڙپڪاري واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ واڌ لاءِ پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاليسين ۾ تسلسل جي خاطري ڪرائڻ ضروري آهي، ميثاق معيشت ۽ روانگي واپار تي ٻڌل اوسر سان پاڪستان جي معيشت تيزي سان ترقي ڪري سگهي ٿي، بجيٽ ۾ ايس ايم ايز لاءِ قرضن جي شرح ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي …
ميثاق معيشت ۽ روانگي واپار تي ٻڌل اوسر سان پاڪستان جي معيشت تيزي سان ترقي ڪري سگهي ٿي: قيصر احمد شيخ

مزید خبریں
اسلام آباد-20 جون (اي پي پي) سيڙپڪاري واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ واڌ لاءِ پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاليسين ۾ تسلسل جي خاطري ڪرائڻ ضروري آهي، ميثاق معيشت ۽ روانگي واپار تي ٻڌل اوسر سان پاڪستان جي معيشت تيزي سان ترقي ڪري سگهي ٿي، بجيٽ ۾ ايس ايم ايز لاءِ قرضن جي شرح ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي قيصر احمد شيخ چيو ته بجيٽ اهم دستاويز آهي، ملڪ جا اهم معاشي اهڃاڻ بهتر آهن، مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي، پرڏيهه مان پورهيتن پاران موڪليل ناڻو 38 ارب ڊالرن کان وڌي ويندو. هن چيو ته بجيٽ ۾ ايس ايم ايز لاءِ قرضن جي فراهمي لاءِ قدم کنيا ويا آهن ۽ ان جو ڳاڻيٽو وڌيو آهي. هن وقت مجموعي قرضن جو 6 سيڪڙو ايس ايم ايز کي ڏنو پيو وڃي ان ۾ واڌ ضروري آهي. وفاقي وزير چيو ته پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌ وقت جي ضرورت آهي، اسان تمام گهڻي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ايم او ايز تي صحيحون پڻ ڪيون آهن جڏهن ته اڃان به گهربل هدف حاصل نه ڪري سگهيا آهيون. هن چيو ته خصوصي اقتصادي زونز ۾ سهولتن جي فراهمي تي آءِ ايم ايف به اتفاق ڪيو آهي ۽ هي سيڙپڪاري جي حوالي سان هڪ وڏو موقعو آهي، سمورن صوبن ۾ هي زونز موجود آهن، اسان کي پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاليسين ۾ تسلسل جي خاطري ڪرائڻي پوندي، ميثاق معيشت کانسواءِ سيڙپڪاري نه ايندي. هن چيو ته اسان جي آبادي ۾ واڌ ٿي رهي آهي جڏهن ته هن تناسب سان جي ڊي پي ۾ واڌ نٿي ٿي. نجڪاري ۽ ٻين معاملن تي سمورن سياسي پارٽين کي گڏجي اتفاق راءِ سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جن ملڪن تيزي سان ترقي ڪئي آهي انهن ملڪن ۾ روانگي واپار تي ٻڌل اوسر جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي. پاڪستان ماضي ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن کي منصوبابندي ۽ معيشت جي شعبن ۾ رهنمائي فراهم ڪئي هئي. هن چيو ته گهٽ کان گهٽ پگهار ۾ واڌ ضروري آهي، چنيوٽ ۾ ميڊيڪل ڪاليج جي قيام لاءِ قدم کنيا ويندا، هن وڌيڪ چيو ته هاڻوڪي ڀارتي اڳرائي کانپوءِ دنيا خاص ڪري خطي ۾ پاڪستان جي پوزيشن بهتر ٿي آهي، ان سان سيڙپڪارن کي به هڪ مثبت ۽ بهتر پيغام ملي ويو آهي.










