اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس پوري خطي جي لاءِ بهترين طبي سهولتن ۽ جديد ترين طبي تحقيق جي لاءِ اوزارن سان ليس هوندو، منصوبي جي تعمير جي سمورن مرحلن ۾ سئو سيڪڙو شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس اينڊ ريسرچ …
جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس پوري خطي جي لاءِ بهترين طبي سهولتن ۽ جديد ترين طبي تحقيق جي لاءِ اوزارن سان ليس هوندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس پوري خطي جي لاءِ بهترين طبي سهولتن ۽ جديد ترين طبي تحقيق جي لاءِ اوزارن سان ليس هوندو، منصوبي جي تعمير جي سمورن مرحلن ۾ سئو سيڪڙو شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر جي تعمير بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي حوالي سان چين، ترڪيه، ڏکڻ ڪوريا ۽ سنگاپور ۾ روڊ شوز منعقد ڪيا ويا، انهن روڊ شوز ۾ عالمي شهرت يافته ڪمپنين جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي حوالي سان گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعمير جي حوالي سان ٻه ڪانفرنسون پڻ منعقد ڪيون ويون جن ۾10 ملڪن جي 33 ڪمپنين شرڪت ڪئي، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعمير جي لاءِ 600 ڪينال زمين حاصل ڪرڻ جو عمل تيزي سان جاري آهي، ماهرن/ ڪنسلٽنٽس جي مقرري جي لاءِ عالمي سطح تي اشتهار ڏنا ويا آهن. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر سعيد اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.











