اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چيئرپرسن وفاقي وزير کي بي آءِ ايس پي جي نَون قدمن ”بينظير هنرمند پروگرام“ بابت تفصيل کان آگاهه ڪيو ۽ کيس ان پروگرام جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، جيڪا 21 جون تي …
بي آءِ ايس پي چيئرپرسن روبينه خالد جي وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چيئرپرسن وفاقي وزير کي بي آءِ ايس پي جي نَون قدمن ”بينظير هنرمند پروگرام“ بابت تفصيل کان آگاهه ڪيو ۽ کيس ان پروگرام جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، جيڪا 21 جون تي ايوان صدر ۾ منعقد ٿيندي. هن ٻُڌايو ته اهو پروگرام بي آءِ ايس پي جي مستحق گهراڻن ۽ انهن جي گهر وارن کي مارڪيٽ سان هم آهنگ، هنر تي ٻَڌل تربيت فراهم ڪندو ته جيئن هو روزگار حاصل ڪري سگهن ۽ خودمختيار زندگي گذاري سگهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ نوجوانن جي وڏي انگ ۽ گهٽ روزگار جي موقعن کي نظر ۾ رکندي هنرمنديءَ جي تربيت وقت جي اهم ضرورت آهي، اهو پروگرام غريب خاندانن کي باعزت روزگار طرف وٺي وڃڻ لاءِ هڪ وقت سر ۽ـ پائيدار قدم آهي. چيئرپرسن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهو پروگرام صرف مقامي روزگار تي توجهه نه ڏئي رهيو آهي پر پرڏيهه ۾ روزگار خاص ڪري نار ملڪن ۾ موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ به شرڪت ڪندڙن کي تيار ڪندو. هن چيو ته ان پروگرام تحت تعميرات، صحت، هولڊنگ ۽ آءِ ٽي جهڙن شعبن ۾ اهڙي تربيت فراهم ڪئي ويندي جيڪا پرڏيهه ۾ گهرج مطابق هجي. ان موقعي تي وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين بي آءِ ايس پي جي مالي امداد کان اڳتي وڌي هنر ذريعي خودمختياريءَ جي ويزن کي ساراهيو . هن چيو ته اهو صحيح رُخ ۾ هڪ اهم قدم آهي، صرف مالي مدد ڏيڻ بجاءِ بي آءِ ايس پي هاڻي ماڻهن کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ جو موقعو ڏئي رهيو آهي جيڪو انهن جي زندگين کي بدلائي سگهي ٿو. هن سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن واري وزارت طرفان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ته جيئن بينظير هنرمند پروگرام مان ڪامياب ٿي نڪرندڙ ماڻهن کي اوورسيز ايمپلائمينٽ ڪارپوريشن ۽ لائسنس يافته پرڏيهه ۾ ڀرتي ڪندڙن ذريعي عالمي ملازمت جي موقعن تائين پهچ ڏئي سگهجي. وفاقي وزير اهو به وعدو ڪيو ته وزارت عالمي مارڪيٽ ۾ گهربل هنر بابت ڄاڻ ۽ ڊيٽا بي آءِ ايس پي کي تربيت دوران فراهم ڪندي ته جيئن شرڪت ڪندڙ انهن شعبن ۾ تربيت حاصل ڪري سگهن. ٻنهي اڳواڻن بي آءِ ايس پي ۽ وزارت وچ ۾ سهڪار کي اداره جاتي سطح تي مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو. ان مقصد لاءِ ٻنهي ادارن مان فوڪل پرسنز جي نامزدگيءَ تي به اتفاق ٿيو ته جيئن سهڪار ۾ تسلسل رهي ۽ تربيت، ملازمت جي گهرج ۽ روزگار جي فراهميءَ جي مرحلن کي بهتر انداز ۾ مضبوط ڪري سگهجي. واضح رهي ته بينظير هنرمند پروگرام جي باقائده شروعات 21 جون تي ايوانِ صدر ۾ هڪ اعليٰ سطحي تقريب ۾ ڪئي ويندي جنهن ۾ سرڪاري عملدار، عالمي ڀائيوار، تربيتي ادارا ۽ نجي شعبي جا نمائندا شرڪت ڪندا.











