اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق هنگري جي عهدو ڇڏيندڙ سفير بيلا فازيڪاس پارليامينٽ هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ- هنگري ٻه طرفن ناتن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اسپيڪر، هنگري جي سفير جي خدمتن ۽ هاڪاري ڪردار کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ پاڪستان- هنگري ناتن کي هٿي …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان هنگري جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق هنگري جي عهدو ڇڏيندڙ سفير بيلا فازيڪاس پارليامينٽ هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ- هنگري ٻه طرفن ناتن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اسپيڪر، هنگري جي سفير جي خدمتن ۽ هاڪاري ڪردار کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ پاڪستان- هنگري ناتن کي هٿي ڏيڻ، پارلياماني رابطن کي مضبوط ڪرڻ تي زور ڀريو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ هنگري وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جا وسيع امڪان موجود آهن. پاڪستاني پارلياماني وفد جي هنگري جي تازي دؤري سان ڏور رس نتيجي سامهون ايندا. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان- هنگري پارلياماني فرينڊشپ گروپ کي وڌيڪ فعال بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اسپيڪر چيو ته خطي ۾ امن لاءِ ڀارت سان هميشه صبر ۽ تحمل جي پاليسي اختيار ڪئي، جنگ سان سڀ کان وڌيڪ نقصان عام شهرين جو ٿئي ٿو. هنگري جي سفير جو چوڻ هو ته مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن جا ناتا مستحڪم ٿيندا.











