بصره کان ڪراچي ۽ اسلام آباد جي لاءِ ٻه خصوصي اڏامُون 268 پاڪستاني شهري کڻي حفاظت سان پاڪستان پهتيُون: پرڏيهي وزارت

اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزارت عراقي ايئرويز سان ويجهي رابطي جي ذريعي بصره کان ڪراچي ۽ اسلام آباد جي لاءِ ٻن خصوصي اڏامن جي ذريعي سومر تي 268 پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي ۾ ڪاميابي سان سهولت فراهم ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻئي اڏامون حفاظت سان پاڪستان پهچي ويون آهن. پرڏيهي وزارت عراق ۾ باقي پاڪستاني زائرين جي محفوظ ۽ وقت …

اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزارت عراقي ايئرويز سان ويجهي رابطي جي ذريعي بصره کان ڪراچي ۽ اسلام آباد جي لاءِ ٻن خصوصي اڏامن جي ذريعي سومر تي 268 پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي ۾ ڪاميابي سان سهولت فراهم ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻئي اڏامون حفاظت سان پاڪستان پهچي ويون آهن. پرڏيهي وزارت عراق ۾ باقي پاڪستاني زائرين جي محفوظ ۽ وقت سر واپسي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عراقي ايئرويز ۽ ٻين سمورن لاڳاپيل عراقي عملدارن سان سرگرم عمل آهي. پرڏيهي وزارت عراق ۾ موجود سمورن پاڪستاني زائرين کي مشورو ڏنو آهي ته اهي پنهنجي سفري انتظامن بابت وقت سر اپ ڊيٽس جي لاءِ بغداد ۾ پاڪستاني سفارتخاني، نامزد نمائندن ۽ عراق جي لاڳاپيل ايئرليئانيز سان ويجهي رابطي ۾ رهن. عراقي ايئروايز هن وقت بصره – دبئي روٽ تي روزانو اڏامون هلائي رهي آهي. بيان موجب اڄ ڪجهه پاڪستاني شهرين ان آپشن مان فائدو کنيو. ان رستي تان سفر ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندڙن کي چيو ويو آهي ته بڪنگ ۽ مدد جي لاءِ ويجهي عراقي ايئروائيز جي آفيس سان رابطو ڪن جڏهن ته سمورن زائرين کي مشورو ڏنو ويو آهي ته اهي مختصر نوٽيس تي سفر جي لاءِ تيار رهن. بيان موجب پرڏيهي وزارت جي صورتحال تي نظر آهي ۽ اها سمورن پاڪستاني زائرين جي حفاظت سان ۽ منظم واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي.