گڏيل عرب امارات جديد مئنيجمينٽ جي نظام سان پنهنجي ملڪ کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ بيهاري ڇڏيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل عرب امارات جديد مئنيجمينٽ جي نظام سان پنهنجي ملڪ کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ بيهاري ڇڏيو آهي، پاڪستان گڏيل عرب امارات جي تجربن مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪيبنٽ افيئرز فار ڪمپي ٽيٽونس ۽ ناليج ايڪسچينج …

اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل عرب امارات جديد مئنيجمينٽ جي نظام سان پنهنجي ملڪ کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ بيهاري ڇڏيو آهي، پاڪستان گڏيل عرب امارات جي تجربن مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪيبنٽ افيئرز فار ڪمپي ٽيٽونس ۽ ناليج ايڪسچينج بابت نائب وزير عبدالله نصر لوتاه جي سربراهي ۾ گڏيل عرب امارات جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ پاڪستان ۾ عرب امارات جو سفير حماد عبيد الزابي ۽ گورنمينٽ ناليج ايڪسچينج آفيس جو عبدالله البلوڪي ۽ ابراهيم العلي به شامل هئا. وزيراعظم پنهنجي گذريل ابوظهبي جي دوري ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النهيان سان ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته اها ملاقات انتهائي لاڀائتي رهي، پاڪ ڀارت تڪرار ۾ گڏيل عرب امارات پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي انتظامي ڍانچي کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڊيجيٽائيزيشن ۽ پيپرليس اڪانومي جهڙا قدم کنيا آهن، ان کانسواءِ فيس ليس ڪسٽم سسٽم پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي، گڊ گورننس جي لاءِ پاڪستان حڪومت گڏيل عرب امارات جي تجربن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿي ته جيئن انهن قدمن کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته ڊيٽا جي بنياد تي فيصلاسازي ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن، گڏيل عرب امارات جديد مئنيجمينٽ جي نظام سان پنهنجي ملڪ کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ بيهاري ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان گڏيل عرب امارات جي تجربن مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي. گڏيل عرب امارات جي وزير عبدالله نصر چيو ته گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن پاڪستاني ڪميونٽي جي گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ اهم ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته اسان خوشي سان پاڪستان سان تجربن ۽ معلومات جي مٽاسٽا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. بعد ۾ وزيراعظم ۽ عبدالله نصر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان مفاهمتي يادداشتن تحت ٻئي ملڪ لاڳاپيل شعبن ۾ علم ۽ گڏيل تجربي، رهنمائي ۽ ترقياتي ماڊلز جي مٽاسٽا ڪندي حڪومتي ڪارڪردگي جي بهتري ۾ تعاون ڪنداسين. ان مفاهمتي يادداشت تحت گڊ گورننس، ترقياتي منصوبابندي، حڪومتي شعبي جي سڌارن، انساني وسيلن جي ترقي، شهري منصوبابندي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون شامل آهي. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر احسن اقبال، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ شريڪ هئا.