اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس باقيدارن جي گرفتاري جي خبرن جو فوري نوٽيس وٺندي واضح ڪيو آهي ته باقاعدگي سان ٽيڪس ادا ڪندڙن کي هراسان ڪرڻ هرگز قبول نه ڪيو ويندو، ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي عزت ۽ توقير اسان جي اکين تي آهي ۽ انهن کي بنا جواز هراسان ڪرڻ ناقابل قبول آهي جڏهن ته هن ان معاملي تي هڪ …
وزيراعظم ٽيڪس باقيدارن جي گرفتاري جي خبرن جو فوري نوٽيس وٺي ورتو، باقاعدگي سان ٽيڪس ادا ڪندڙن کي هراسان ڪرڻ هرگز قبول نه ڪيو ويندو: شهباز شريف
اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس باقيدارن جي گرفتاري جي خبرن جو فوري نوٽيس وٺندي واضح ڪيو آهي ته باقاعدگي سان ٽيڪس ادا ڪندڙن کي هراسان ڪرڻ هرگز قبول نه ڪيو ويندو، ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي عزت ۽ توقير اسان جي اکين تي آهي ۽ انهن کي بنا جواز هراسان ڪرڻ ناقابل قبول آهي جڏهن ته هن ان معاملي تي هڪ خصوصي ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي معاملن تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيندڙ ٽيڪس باقيدارن جي گرفتاري جي معاملي جو نوٽيس ورتو. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته سيلز ٽيڪس نه ڏيندڙن جي گرفتاري جو اختيار 1990ع جي ڏهاڪي کان قانون جو حصو آهي جڏهن ته اعليٰ عدالتن جي فيصلن کي نظر ۾ رکندي ان کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ جي لاءِ لاڳاپيل شقن ۾ ترميمون ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم سمورو معاملو جانچڻ کانپوءِ انتهائي سختي سان هدايت ڪئي ته اهڙي قسم جي ڪنهن به ترميم کي ڪاروباري برادري يا ٽيڪس ڏيندڙن کي هراسان ڪرڻ جي لاءِ هرگز استعمال نه ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته باقاعدگي سان ٽيڪس ادا ڪندڙن کي هراسان ڪرڻ هرگز قبول نه ڪيو ويندو، ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي عزت ۽ توقير اسان جي اکين تي آهي ۽ انهن کي بنا جواز هراسان ڪرڻ ناقابل قبول آهي. وزيراعظم ان معاملي تي هڪ خصوصي ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪندي چيو ته ٽيڪس قانونن ۾ گرفتاري جو اختيار رڳو غيرمعمولي ڪاٿي جي ٽيڪس نه ڏيندڙن تائين محدود هجڻ گهرجي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گرفتاري جي حوالي سان ايڪسٽرنل ريويو ۽ چيڪ اينڊ بيلنس جو موثر نظام جوڙيو وڃي، انهن قانونن جي غلط استعمال سان تحفظ بابت شقون فنانس ايڪٽ جو حصو بڻايون وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان معاملي تي پارليامينٽ ۾ موجود سمورين اتحادي پارٽين سان مشاورت يقيني بڻائي وڃي. اجلاس ۾ دفاع، قانون، واپار، اقتصادي معاملن، اطلاعات ۽ نشريات وارن وفاقي وزيرن، ريلويز واري مملڪتي وزير، ايف بي آر چيئرمين، معاشي معاملن جي ماهرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.












