اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان جاپان ۾ پاڪستان جي نامزد سفير عبدالحميد ڀٽه ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم نامزد سفير کي نئين ذميواري تي مبارڪباد ڏيندي سندس ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جاپان ٻطرفي لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ صنعتي تعاون جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان جاپان ۾ پاڪستان جي نامزد سفير عبدالحميد ڀٽه جي ملاقات
اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان جاپان ۾ پاڪستان جي نامزد سفير عبدالحميد ڀٽه ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم نامزد سفير کي نئين ذميواري تي مبارڪباد ڏيندي سندس ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جاپان ٻطرفي لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ صنعتي تعاون جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو.












