450 پاڪستاني زائرين کي وطن واپسي لاءِ سهولت فراهم ڪئي وئي: سينيٽر محمد اسحاق ڊار

اسلام آباد -15 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته پاڪستان حڪومت بدلجندڙ علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستاني شهرين جي ڀلائي ۽ حفاظت لاءِ ضروري قدم کڻي رهي آهي، 450 پاڪستاني زائرين کي وطن واپسي لاءِ سهولت فراهم ڪئي وئي آهي جڏهن ته ايران ۾ رهيل پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين جي 154 جي پهرين بيچ جي محفوظ واپسي لاءِ …

اسلام آباد -15 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته پاڪستان حڪومت بدلجندڙ علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستاني شهرين جي ڀلائي ۽ حفاظت لاءِ ضروري قدم کڻي رهي آهي، 450 پاڪستاني زائرين کي وطن واپسي لاءِ سهولت فراهم ڪئي وئي آهي جڏهن ته ايران ۾ رهيل پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين جي 154 جي پهرين بيچ جي محفوظ واپسي لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته عراق ۾ اسان جو سفارت خانو انهن پاڪستاني زائرين سان رابطي ۾ اهي جيڪي هوائي حدن جي بندش سبب ڦاٿل آهن. عراق ۾ سندن محفظ قيام ۽ ممڪن وطن واپسي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. پرڏيهي آفيس ۾ ڪرائسز مينجمينٽ يونٽ 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي. ان ڪرائسز مينجمينٽ يونٽ سان فون نمبر 9207887-051 ۽ اي ميل [email protected] تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته خطي ۾ اسان جي سفارتخاني پاڪستاني شهرين ۽ زائرين جي مدد لاءِ سموريون ضروري ڪوششون ڪيون آهن.