اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ابوظهبي ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي گڏيل وزارتي ڪميشن جي ايندڙ 12هين اجلاس جي تيارين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اجلاس ۾ ڊپٽي پرائيم منسٽر آفيس بابت وزيراعظم جي خاص معاون، اقتصادي معاملن، واپار، ميري ٽائيم افيئرز، گهرو …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي گڏيل وزارتي ڪميشن جي ايندڙ 12هين اجلاس جي تيارين بابت اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ابوظهبي ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي گڏيل وزارتي ڪميشن جي ايندڙ 12هين اجلاس جي تيارين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اجلاس ۾ ڊپٽي پرائيم منسٽر آفيس بابت وزيراعظم جي خاص معاون، اقتصادي معاملن، واپار، ميري ٽائيم افيئرز، گهرو معاملن، بين الصوبائي رابطن، قومي ورثي ۽ صحت وارن وفاقي سيڪريٽرين کانسواءِ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي اعليٰ عملدارن بشمول پرڏيهي وزارت، اوورسيز پاڪستاني، ناڻي، ريلوي، دفاع ۽ واپار واري وزارت شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اهم ٻطرفي قدمن کي اڳتي وڌائڻ، موجوده شعبن ۾ باضابطا تعاون کانسواءِ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ ۽ ترجيحي شعبن ۾ گڏيل طور تي فائديمند گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نائب وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











