وزيراعظم شهباز شريف جي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي ايوان صدر جي ميمبر ڊاڪٽر ڊينس بيسرويڪ سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عيدالاضحيٰ جي موقعي تي بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي ايوان صدر جي ميمبر ڊاڪٽر ڊينس بيسرويڪ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم کيس ۽ بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي عوام کي دلي عيد مبارڪباد ڏني ۽ ان جي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بوسنيا جي اڳواڻ …

اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عيدالاضحيٰ جي موقعي تي بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي ايوان صدر جي ميمبر ڊاڪٽر ڊينس بيسرويڪ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم کيس ۽ بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي عوام کي دلي عيد مبارڪباد ڏني ۽ ان جي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بوسنيا جي اڳواڻ پڻ وزيراعظم کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ جذبن جو اظهار ڪيو. پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان بوسنيا ۽ هرزيگووينا سان پنهنجي گهري ڀائراڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ واپار، ثقافت ۽ عوام جي وچ ۾ مٽاسٽا جي ذريعي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم تازي پاڪ ڀارت بحران دوران پاڪستان جي حمايت تي بوسنيا جي قيادت جا ٿورا مڃيا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر بيسرويڪ کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ڊاڪٽر ڊينس بيسرويڪ دوري جي دعوت قبول ڪندي وزيراعظم کي پڻ بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي دوري جي دعوت ڏني.