اسرائيل ڄاڻي واڻي غزه جي شھرين کي زندگي جي وسيلن کان محروم ڪري رھيو آھي: گڏيل قومون

گڏيل قومون - 05 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني ھمدردي بابت رابطا ڪار ٽام فليچر چيو آھي ته غزه ۾ امداد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ فلسطينين جي مارجي وڃڻ جا خوفناڪ منظر ڄاڻي واڻي ڪيل فيصلن جا نتيجا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن گذريل ڏينھن بيان ۾ چيو ته غزه ۾ فلسطينين کي زنده رھڻ جي وسيلن کان محروم ڪيو پيو وڃي. اسرائيل غزه جو گھيرو …

گڏيل قومون – 05 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني ھمدردي بابت رابطا ڪار ٽام فليچر چيو آھي ته غزه ۾ امداد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ فلسطينين جي مارجي وڃڻ جا خوفناڪ منظر ڄاڻي واڻي ڪيل فيصلن جا نتيجا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن گذريل ڏينھن بيان ۾ چيو ته غزه ۾ فلسطينين کي زنده رھڻ جي وسيلن کان محروم ڪيو پيو وڃي. اسرائيل غزه جو گھيرو ڪيو آھي. ھن چيو ته دنيا روز غزه ۾ خوفناڪ منظر ڏسي رھي آھي جتي فلسطينين کي ھن وقت ماريو پيو وڃي، زخمي ڪيو پيو وڃي ۽ قتل ڪيو پيو وڃي جڏھن ته ھو رڳو خوراڪ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. اھو ڄاڻي واڻي ڪيل فيصلن جو ھڪ سلسلو آھي جنھن منظم طريقي سان 20 لک ماڻھن کي انھن جي بينادي ضرورتن کان محروم ڪري ڇڏيو آھي جيڪي انھن جي زنده رھڻ لاءِ ضروري آھي. گڏيل قومن جي انساني ھمدردي بابت معاملن جي رابطا ڪار ٽام فليچر گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيوگوتريشن جي امدادي مرڪزن ويجھو ٿيل واقعن جي آزاداڻي جاچ ڪرائڻ جي اپيل کي ورجايو. ھن واضح ڪيو ته ھو ڌار ڌار واقعا نه آھن ۽ ڏوھارين کي جوابده قرار ڏنو وڃي. ھن ان ڳالھه تي زور ڀريو ته انساني ھمدردي جي ڪارڪنن کي غزه پٽي ۾ پنھنجا فرض انجام ڏيڻ جي اجازت ڏيڻ گھرجي.