فرينچ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي مينز سنگلز سيمي فائنل لائن اپ مڪمل

پيرس-05 جون (اي پي پي) هلندڙ سال جو ٻيو گرينڊ سلم فرينچ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي مينز سنگلز مقابلن جو سيمي فائنل لائن اپ مڪمل ٿي ويو آهي . اٽلي جو مشهور ٽينس اسٽار ، عالمي نمبر ون ۽ ايونٽ جو ٽاپ سيڊڊ جينڪ سنر ، سربيا جي عالمي شهرت يافته ٽينس اسٽار ۽ 24 گرينڊ سلم ٽائيٽلز جو فاتح نوويڪ جوڪوچ ، اسپين جو ٽينس اسٽار ايونٽ جو سيڪنڊ …

پيرس-05 جون (اي پي پي) هلندڙ سال جو ٻيو گرينڊ سلم فرينچ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي مينز سنگلز مقابلن جو سيمي فائنل لائن اپ مڪمل ٿي ويو آهي . اٽلي جو مشهور ٽينس اسٽار ، عالمي نمبر ون ۽ ايونٽ جو ٽاپ سيڊڊ جينڪ سنر ، سربيا جي عالمي شهرت يافته ٽينس اسٽار ۽ 24 گرينڊ سلم ٽائيٽلز جو فاتح نوويڪ جوڪوچ ، اسپين جو ٽينس اسٽار ايونٽ جو سيڪنڊ سيڊڊ ۽ دفاعي چيمپئن ڪارلوس الڪاراز ۽ اٽلي جو ٽينس رانديگر لورينزو موسيٽي پنهنجن ڪاميابين جي سلسلي کي برقرار رکندي مينز سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويا آهن. سال جي ٻي گرينڊ سلم فرينچ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي دلچسپ ۽ سخت مقابلن جوسلسلو فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ جاري آهي ، جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن .