ڪوئيٽا – 23 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستاني قوم جي جذبي کي ڪوبه شڪست نٿو ڏئي سگهي، خضدار بس واقعي ۾ مارجي ويل ۽ زخمي ٿيل ٻارن جي والدين جو حوصلو ۽ جذبو قابل ديد آهي، اسان انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ڀارت پنهنجي پراڪسيز جي ذريعي بلوچستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ چاهي ٿو …
پاڪستاني قوم جي جذبي کي ڪوبه شڪست نٿو ڏئي سگهي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
ڪوئيٽا – 23 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستاني قوم جي جذبي کي ڪوبه شڪست نٿو ڏئي سگهي، خضدار بس واقعي ۾ مارجي ويل ۽ زخمي ٿيل ٻارن جي والدين جو حوصلو ۽ جذبو قابل ديد آهي، اسان انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ڀارت پنهنجي پراڪسيز جي ذريعي بلوچستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ چاهي ٿو پر ڀارت جا مڪروهه ارادا خاڪ ۾ ملائينداسين ۽ هر صورت ۾ امن قائم ڪنداسين، ڀارت کي سڄي دنيا ۾ شرمندگي جو منهن ڏسڻو پيو آهي، هاڻي هو سافٽ ٽارگيٽ تي لهي آيو آهي، فتنه الهندوستان کي منطقي انجام تائين پهچائي سُک جو ساهه کڻنداسين، مودي ۽ اُن جا حواري سازش جي ذريعي پنهنجي تقريرن ۾ بلوچستان جو ذڪر ڪن ٿا، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جو عزم آهي ته بلوچستان امن جو ڳڙهه بڻجي، پاڪستان جي ڪاميابي آهي ته ڪشمير جو مسئلو عالمي سطح تي ٻيهر اجاگر ٿيو آهي. خضدار بس سانحي جي شڪار ٻارن جي عيادت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خضدار بس جي دل ڏکوئيندڙ واقعي ۾ اسان جي ٻارن عظيم قرباني ڏني، متاثر ٻارن جي والدين جو عزم ۽ جذبو بلند آهي. هن چيو ته صوبيدار سليم پنهنجي ٻن ڌيئرن جي تدفين ڪئي جڏهن ته سندس ٽيون پٽ شديد زخمي آهي، ان جي باوجود هو ايمبولينس جي اڳيان پاڪستان جي حق ۾ نعرا هڻندو رهيو. هڪ شخص جا چار ٻار شديد زخمي ٿيا پر ان جو حوصلو بلند آهي. هن چيو ته اڄ انٽرنيشنل ۽ نيشنل ميڊيا کي خضدار ۾ اصل صورتحال کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ آندو ويو ته جيئن دنيا کي حقيقتن کان باخبر رکي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته ڀارت معرڪه حق آپريشن ”بُنيانِ مرصوص“ ۾ شڪست کانپوءِ هاڻي سافٽ ٽارگيٽس تي لهي آيو آهي. هن واضح ڪيو ته ڪلڀوشن ياديو جي بلوچستان مان گرفتاري اسان وٽ ڀارت جي دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جو ناقابل ترديد ثبوت آهي. هن چيو ته عسڪريت پسند گلزار امام شمبي ۽ سرفراز بنگلزئي پڻ ڀارتي سرپرستي جو پاڻ اعتراف ڪيو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڀارت پنهنجي پراڪسيز جي ذريعي بلوچستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ چاهي ٿو. آپريشن ”معرڪه حق“ جي دوران به بلوچستان ۾ 33 حملا ڪيا ويا جيڪي ڀارت جي ڪڌي ارادن جي عڪاسي ڪن ٿا. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جو پختو عزم آهي ته دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلايو ويندو ۽ بلوچستان کي امن جو ڳڙهه بڻايو ويندو. وفاقي وزير چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل آڊيوز سان اهو به ثابت ٿيو آهي ته ڀارتي هينڊلرز ڪهڙي طرح دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث آهن. هن چيو ته پاڪستاني قوم متحد آهي ۽ پاڪ فوج هر محاذ تي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. ”فتنه الهندوستان“ کي هر جڳهه تي بي نقاب ڪيو ويندو. هن سوال اٿاريو ته مودي حڪومت جو بلوچستان جي واقعن سان ڪهڙو تعلق آهي جو هو پنهنجي تقريرن ۾ بار بار ان جو ذڪر ڪري ٿو؟ جعفر ايڪسپريس واقعي جي وڊيو انهن دهشتگردن ڀارتي ميڊيا کي فراهم ڪئي، جيڪو ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته ڀارت بلوچستان ۾ دهشتگردي جي سرگرمين ۾ سڌوسنئون ملوث آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان جا حوصلا ۽ عزم بلند آهي. ڀارت کي روايتي جنگ ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، ان جا 6 جهاز ڪيرايا ويا ۽ پاڻ ڀارت تسليم ڪيو ته ان کي وڏو نقصان ٿيو آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪ فوج، فيلڊ مارشل عاصم منير، ايئر چيف ظهير احمد بابر ۽ نيول چيف نويد اشرف ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. هن چيو ته سموريون سياسي پارٽيون ۽ ادارا گڏجي بلوچستان ۾ امن بحال ڪندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي بهادر فوج دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو. اهڙا قانون ٺاهيا وڃن جو هر دهشتگرد کي سزا يقيني بڻجي سگهي، ان جي لاءِ پارليامينٽ کي به ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اهو هر پاڪستاني جي دل جو آواز آهي. عطاءُ الله تارڙ وڌيڪ چيو ته موجوده صورتحال ۾ دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏنو پيو وڃي. بلوچستان حڪومت ۽ پاڪ آرمي دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جو عزم فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي. هن چيو ته هڪ هارايل وزيراعظم جي تقرير مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو اڃا تائين پنهنجي شڪست تي حيران آهي. گجرات جي ڪاسائي مودي کي شڪست ۽ ذلت کي منهن ڏيڻو پيو. وفاقي وزير چيو ته جڏهن پاڪستان ۾ فتح جو جشن ملهايو پئي ويو ته ٻئي طرف ڀارت ۾ مودي حڪومت کان سوال اٿاريا ويا جنهن جو جواب ڏيڻ کان هو قاصر آهن. ڀارتي ميڊيا، سياستدان ۽ سول سوسائٽي مودي حڪومت کان جواب گهري رهيا آهن ۽ انهن وٽ انهن جي سوالن جو ڪو جواب نه آهي. وفاقي وزير چيو ته ڀارت هاڻي رڳو ڌمڪين تائين محدود رهجي ويو آهي، مودي هڪ ناڪام ۽ هارايل سياستدان آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڀارتي دهشتگردي جي سرگرمين کي هر صورت ۾ بي نقاب ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ٻي وڏي ڪاميابي اها آهي ته ڪشمير مسئلو هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سطح تي اجاگر ٿيو آهي. هن چيو ته بلوچستان جي حوالي سان حڪومتي اپروچ هر جڳهه تي موجود آهي ۽ مسئلن جي حل لاءِ تسلسل سان قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته اسان لاڳيتو بلوچستان جو دورو ڪندا رهنداسين ۽ سمورن معاملن کي موثر انداز ۾ اڪلائيندا رهنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻارن جي پونئيرن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ انهن جي حوصلي کي ساراهيو. هن چيو ته والدين جو حوصلو ڏسي دل مضبوط ٿي. زخمي ٻارن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪندي هن چيو ته جيستائين اهو جذبو قائم آهي، پاڪستان کي ڪو دشمن شڪست نه ٿو ڏئي سگهي، ٻارن جي قرباني سدائين ياد رکي ويندي.










