پاڪستان پرامن ملڪ آهي پر امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، ڀارت پنهنجي خفت مٽائڻ جي لاءِ پنهنجي ئي ملڪ تي ميزائيل هڻي پاڪستان تي الزام هنيو: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان پرامن ملڪ آهي پر امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، ڀارت پنهنجي خفت مٽائڻ جي لاءِ پنهنجي ئي ملڪ تي ميزائيل هڻي پاڪستان تي الزام هنيو، اسان ڀارتي جارحيت تي پنهنجي دفاع ۾ جوابي قدم کنيا، رافيل جهازن جي تباهي تي ڀارت کي دنيا ۾ شرمندگي کڻڻي …

اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان پرامن ملڪ آهي پر امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، ڀارت پنهنجي خفت مٽائڻ جي لاءِ پنهنجي ئي ملڪ تي ميزائيل هڻي پاڪستان تي الزام هنيو، اسان ڀارتي جارحيت تي پنهنجي دفاع ۾ جوابي قدم کنيا، رافيل جهازن جي تباهي تي ڀارت کي دنيا ۾ شرمندگي کڻڻي پئي. آل پاڪستان چيمبرز پريزيڊنٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته ڀارت جي خلاف تاريخي فتح ۾ سڀني ڪردار ادا ڪيو آهي، ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جو هڪطرفو اعلان ڪيو، اسان ڀارتي جارحيت تي پنهنجي دفاع ۾ جوابي قدم کنيا، پاڪستان پرامن ملڪ آهي پر امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان پهلگام واقعي جي آزاداڻي جاچ جي آڇ ڪئي پر ڀارت ڪو مثبت جواب نه ڏنو. هن چيو ته ڀارت پنهنجي خفت مٽائڻ جي لاءِ پنهنجي ئي ملڪ تي ميزائيل هڻي پاڪستان تي الزام هنيو. هن چيو ته رافيل جهازن جي تباهي تي ڀارت کي دنيا ۾ شرمندگي کڻڻي پئي، ڇڪتاڻ دوران پاڪستاني قوم ڀرپور اتحاد جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته الله تعاليٰ جو خاص ڪرم آهي ته شاندار فتح پاڪستان کي عطا ڪئي، ان ۾ پاڪ فوج، سفارتڪارن، پرڏيهي وزارت، اطلاعات واري وزارت، پاڪستان حڪومت ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت شامل هئي، ان فتح تي جيترو شڪر ادا ڪريون گهٽ آهي. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان جي حوالي سان طرح طرح جون ڳالهيون ڪيون وينديون هيون، پاڙيسري ملڪ چوندو هو ته روايتي جنگ ۾ اسان پاڪستان کي تمام گهڻو پٺتي ڇڏي ڏنو آهي، جيتوڻيڪ پاڙيسري ملڪ تمام وڏو ملڪ آهي ان جي دفاع جا خرچ مختلف آهن پر پاڪستان پنهنجي برتري ثابت ڪئي. هن چيو ته اسان ويڙهه جي حق ۾ نه آهيون، اسان پرامن قوم آهيون، اسان جي پرامن رهڻ جي پاليسي کي ڪمزوري نه سمجهڻ گهرجي. هن چيو ته مون کي انقره ۾ اطلاع ملي ته پهلگام واقعو ٿيو آهي ۽ انڊين ميڊيا آسمان مٿي کڻي رکيو هو ته اهو پاڪستان ڪيو آهي، اسان اتان ئي پرڏيهي وزارت پاران مذمت ڪئي. هن چيو ته پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت ۾ اسان جي سفارتخاني جي ميمبرن جو انگ گهٽ ڪيو ويو، ڀارت ويندڙ سمورن پاڪستانين کي اتان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو، اٽاري بارڊر کي بند ڪيو ويو، ڀارت سنڌ طاس معاهدو هڪطرفي طور تي معطل ڪري ڇڏيو پر الله تعاليٰ ڀارت جي سموري غرور کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو.

مزید خبریں