حڪومت بار ايسوسيئيشنز جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پرعزم آهي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومت بار ايسوسيئيشنز جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پرعزم آهي ۽ گرانٽ ان ايڊ تحت مختلف منصوبن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ ڊيره غازي خان، اوڪاڙه ۽ قصور بار جي وفدن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وڪيلن جي …

اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومت بار ايسوسيئيشنز جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پرعزم آهي ۽ گرانٽ ان ايڊ تحت مختلف منصوبن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ ڊيره غازي خان، اوڪاڙه ۽ قصور بار جي وفدن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وڪيلن جي مسئلن، بار رومز جي مرمت ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير وڪيلن کي خاطري ڪرائي ته حڪومت بار ايسوسيئيشنز جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پرعزم ۽ گرانٽ ان ايڊ تحت مختلف منصوبن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. وڪيل نمائندن هاڻوڪي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران حڪومت ۽ هٿياربند فوج جي موثر ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته قومي سلامتي لاءِ کنيل قدم ساراهه جوڳا آهن.

مزید خبریں