سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ ۾ بين الاقوامي ڪانفرنس پڄاڻيءَ تي پهتي، ڪانفرنس پاران مُختلف سفارشُون پيش

ڪراچي – 22 مئي (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ پاران ڪمپيوٽنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي موضوع تي منعقد ڪيل ٻن ڏينهن واري چوٿين بين الاقوامي ڪانفرنس پڄاڻيءَ تي پهتي. ڪانفرنس گرين ڪمپيوٽنگ کي اختيار ڪرڻ، بهتر ڪوڊ لکڻ ۽ ماحول دوست ڊيٽا اسٽوريج طريقن کي فروغ ڏيڻ، پائيداري لاءِ مصنوعي ذهانت لاڳو ڪرڻ، اي آءِ وسيلي موسمياتي نگراني، زراعت، ۽ قابل تجديد توانائي جهڙن شعبن ۾ سمارٽ حل ڳولڻ، …

ڪراچي – 22 مئي (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ پاران ڪمپيوٽنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي موضوع تي منعقد ڪيل ٻن ڏينهن واري چوٿين بين الاقوامي ڪانفرنس پڄاڻيءَ تي پهتي. ڪانفرنس گرين ڪمپيوٽنگ کي اختيار ڪرڻ، بهتر ڪوڊ لکڻ ۽ ماحول دوست ڊيٽا اسٽوريج طريقن کي فروغ ڏيڻ، پائيداري لاءِ مصنوعي ذهانت لاڳو ڪرڻ، اي آءِ وسيلي موسمياتي نگراني، زراعت، ۽ قابل تجديد توانائي جهڙن شعبن ۾ سمارٽ حل ڳولڻ، اخلاقي ۽ جامع مصنوعي ذهانت کي يقيني بڻائڻ، منصفاڻي، شفاف، ۽ سماج جي سڀني طبقن جي خدمت ڪرڻ لاءِ مصنوعي ذهانت جا نظام ٺاهڻ جي سفارشُون پيش ڪيُون آهن. سنڌ ايڇ اي سي جي چارٽر انسپيڪشن اينڊ ايويليوئيشن ڪميٽي (سي آءِ اي سي) جي چيئرمين ڊاڪٽر سروش لوڌي ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چيو ته هي ڪانفرنسون ماهرن کي نوان خيال سوچڻ ۽ بحث ڪرڻ لاءِ هڪ مناسب پليٽ فارم فراهم ڪن ٿيون، جيڪي ملڪ ۽ ان جي عوام لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهن ٿيون. ڊاڪٽر سروش لوڌي 1980ع جي ڏهاڪي کان وٺي هن وقت تائين ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ٿيل ترقي تي ڳالهايو ۽ چيو ته گذريل ٽي ڏهاڪا اڳ هن جن شين جو تصور ڪيو هيو، اهي اڄ حقيقت بڻجي چڪيون آهن. هڪ سال اڳ به اسان چيٽ جي پي ٽي بابت ٻڌو هو ۽ هاڻي اها دنيا ۾ عام استعمال ٿي رهي آهي، تنهنڪري، تصور ڪريو ته ٽيڪنالاجيز ڪيئن تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيون آهن ۽ دنيا کي تبديل ڪري رهيون آهن. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڪري تعليم ۽ تدريس جو عمل پڻ مڪمل طور تي تبديل ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري استادن ۽ شاگردن ٻنهي لاءِ ان کان واقف هجڻ ضروري آهي. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ ڪانفرنس جي منتظمين خاص طور تي ڪانفرنس جي ڪنوينر ڊاڪٽر آفتاب احمد شيخ، سيڪريٽري ڊاڪٽر منصور کهڙو، ميمبر ڊاڪٽر عبدالحفيظ خان ۽ ٻين ميمبرن، فيڪلٽي ۽ عملي کي مبارڪباد ڏني، جن ان کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون. هن ڪانفرنس جي انعقاد لاءِ مالي ۽ اخلاقي مدد ڪرڻ تي سنڌ ايڇ اي سي جو به ٿورو مڃيو. ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي هميشه ملڪ ۽ ان جي ماڻهن سان لاڳاپيل عملي اعليٰ تعليم ۽ تحقيق تي ڌيان ڏنو آهي، هيءَ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو به بنيادي مقصد اهو هئو ته ٽيڪنالوجيءَ جي شعبي ۾ ايندڙ تڪڙين تبديلين بابت نيون ڳالهيون سامهون آڻجن ۽ انهن مطابق اڳتي وڌڻ جو سفارشون ترتيب ڏجن. هن چيو ته اي آءِ زندگي جي سڀني پهلوئن تي حاوي ٿي رهي آهي تنهنڪري اسان کي ان کي معروضي طور تي استعمال ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪانفرنس دوران منعقد ڪيل ست ٽيڪنيڪل سيشن تمام متاثر ڪندڙ هئا، تنهن ڪري ڪانفرنس جون سفارشون ملڪ جي پاليسي سازن ڏانهن لاڳو ڪرڻ لاءِ موڪليون وينديون. ڪانفرنس جي ڪنوينر ڊاڪٽر آفتاب احمد شيخ ڪانفرنس جي رپورٽ پيش ڪئي. هن ڪانفرنس جون سفارشون پيش ڪندي چيو ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن کي پنهنجي نئين ريگيوليٽري پاليسين ۾ مصنوعي ذهانت اخلاقيات کي شامل ڪرڻ گهرجي. حبيب يونيورسٽي جي ڊاڪٽر عبدالصمد ڪانفرنس کي ڪامياب قرار ڏنو. آخر ۾ وائس چانسلر مهمانن ۽ ڪانفرنس جي منتظمين کي شيلڊون ڏنيون.

مزید خبریں