مظفر آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت کان 1971ع جي شڪست جو بدلو وٺي ڇڏيو، مودي سرڪار هاڻي پاڪستان تي حملو ڪرڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيندي، پاڪستان روايتي جنگ ۾ پنهنجي برتري ثابت ڪري ڇڏي، انشاءَ الله قيامت تائين نيوڪيلئر هٿيارن جي ضرورت نه پوندي، اها تازي تاريخ جي مختصر ترين جنگ هئي، اڳتي دشمن پاڪستان کي ميري اک سان …
ڀارت کان 1971ع جي شڪست جو بدلو وٺي ڇڏيو، مودي سرڪار هاڻي پاڪستان تي حملو ڪرڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيندي، پاڪستان روايتي جنگ ۾ پنهنجي برتري ثابت ڪري ڇڏي، انشاءَ الله قيامت تائين نيوڪيلئر هٿيارن جي ضرورت نه پوندي: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
مظفر آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت کان 1971ع جي شڪست جو بدلو وٺي ڇڏيو، مودي سرڪار هاڻي پاڪستان تي حملو ڪرڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيندي، پاڪستان روايتي جنگ ۾ پنهنجي برتري ثابت ڪري ڇڏي، انشاءَ الله قيامت تائين نيوڪيلئر هٿيارن جي ضرورت نه پوندي، اها تازي تاريخ جي مختصر ترين جنگ هئي، اڳتي دشمن پاڪستان کي ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نه ڪندو، پاڪ فوج جي شهيدن ۽ عوام پنهنجي رت سان نئين تاريخ لکي ڇڏي، وقت اچي ويو آهي ته قوم اتحاد ۽ اتفاق سان معاشي طاقت بڻجڻ جو سفر پڻ طئي ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن معرڪه حق دوران آزاد ڪشمير ۾ شهيد ٿيندڙ شهرين جي وارثن ۾ امدادي رقم ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف شهيدن جي وارثن ۾ امدادي چيڪ ورهايا. ان موقعي تي وفاقي وزيرن ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کانسواءِ شهيدن جي وارثن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اهڙي جنگ ڇڙي جيڪا خطرناڪ رخ اختيار ڪري سگهي پئي، جنگ جا نتيجا ڀيانڪ ٿي سگهيا پئي. هن چيو ته پهلگام واقعو افسوسناڪ هو جنهن جي آڙ ۾ ڀارت پاڪستان تي بي بنياد الزام هنيا، پاڪستان دنيا کي باور ڪرايو ته ڀارت جا الزام بي بنياد، ڪوڙ تي ٻڌل ۽ سازش جو حصو آهن جيڪي خطي جي امن کي تباهه ۽ برباد ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته ڪاڪول ۾ خطاب دوران مون اعلان ڪيو ته پاڪستان پهلگام واقعي تي غيرجانبداراڻي عالمي جاچ جي لاءِ تيار آهي پر ڀارت کي اها ڳالهه هضم نه ٿي ۽ هن اسان جي آڇ کي نظرانداز ڪندي پاڪستان تي حملو ڪري ڇڏيو، ڀارتي جارحيت سان بهاولپور، آزاد ڪشمير ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ 33 ماڻهو شهيد ۽ 55 زخمي ٿيا، ڀارت معصوم پاڪستانين تي حملو ڪيو، پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو پر اسان جي هٿياربند فوج شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ بدران 6 ڀارتي جهاز ڪيرايا جن تي انهن کي تمام گهڻو ناز هو ۽ الفتح ميزائيلن سان ڀارت کي ڇٺيءَ جو کير ياد ڏياريو پر ڀارت لاڳيتو الزام ۽ لڳاتار حملا جاري رکيا. وزيراعظم چيو ته دنيا جا ڪيترائي ملڪ پوري طرح هڪ آواز هئا ته پاڪستان حق تي آهي ۽ هن جيڪا عالمي جاچ ڪميشن جي آڇ ڪئي آهي اهو سندس هٿ صاف هجڻ جو ثبوت آهي، ڀارت کي گهمنڊ هو ته پوري دنيا جون طاقتون ان سان گڏ بيهي رهنديون پر ڀارت جا دوست ملڪ نيوٽرل ٿي ويا ۽ جيڪي نيوٽرل هئا انهن پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ اسان جي موقف کي جائز قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جيڪي 6 جهاز ڪيرايا هئا ۽ ڀارتي ٺڪاڻن کي نقصان پهچايو هو اهو دفاع ۾ ڪيو هو، 9 مئي جي رات ماپي توري حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 10 مئي جي صبح منهنجي سپهه سالار سان ڳالهه ٻولهه ٿي، هن ٻڌايو ته ڀارت نور خان ايئربيس ۽ ٻين جاين تي ميزائيلن سان حملو ڪيو آهي، سپهه سالار جي آواز ۾ ڪمال جو اعتماد، جوش ۽ ولولو هو ۽ هن مون کي چيو ته ڀارت کي اهڙي چماٽ هنئي وڃي جيڪا قيامت تائين ياد رهي، ان جي نتيجي ۾ پٺاڻ ڪوٽ کان وٺي ان جو ڪو به ايئر بيس اسان جي شاهينن جي پهچ ۽ ميزائيلن جي زد کان ٻاهر نه هو، صبح 9 وڳي سپهه سالار جي ٻيهر فون آئي ته کيس پيغام ڏنو ويو آهي ته ڀارت سيز فائر يعني گوڏا کوڙڻ جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم چيو ته مودي سرڪار اڳتي پاڪستان تي حملو ڪرڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيندي، پاڪستان روايتي جنگ ۾ ڀارت جي برتري جي تاثر کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو ۽ 1971ع جي شڪست جو بدلو وٺي ڇڏيو ۽ الله جو شڪر آهي ته اسان کي نيوڪليئر هٿيارن جي پري پري تائين ضرورت نه پئي ۽ نه ئي انشاءَ الله قيامت تائين پوندي. وزيراعظم چيو ته 24 ڪروڙ عوام جي دعائن سان معرڪه حق ۾ عظيم فتح نصيب ٿي، معرڪه حق ۾ پوري قوم پاڪ فوج جي پٺيان بيٺل رهي، هٿياربند فوج ملڪي خودمختياري ۽ سالميت جي تحفظ جي لاءِ پوري طرح تيار آهي. وزيراعظم چيو ته اتحاد ۽ اتفاق سان هاڻي ملڪ کي معاشي طاقت بڻائڻو آهي، اها تاريخ جي مختصر ترين جنگ هئي جنهن ۾ سپهه سالار جي دليراڻي ۽ دانشمنداڻي قيادت ۽ الله تي بي پناهه توڪل ڪاميابي عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته ڏينهن رات محنت سان پاڪستان کي معاشي طور تي مستحڪم بڻائي رهيا آهيون، اتحاد ۽ اتفاق سان اڳتي وڌنداسين ته جيئن دشمن ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نه ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته ڏينهن رات محنت ڪري قرضن مان پڻ ڇوٽڪارو حاصل ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو جيڪي اڄ به پنهنجي حق جي لاءِ جبل وانگر بيٺل آهن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ملڻ تائين پاڪستان ڪشميرين سان گڏ بيٺل رهندو. وزيراعظم چيو ته آئون اڄ مظفرآباد مان سرينگر جي عوام کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اهي پاڪستان کي ڪڏهن به پٺتي نه ڏسندا ۽ اهو ڏينهن ايندو جڏهن ڪشميرين کي انهن جو حق ملندو ۽ ڪشمير پاڪستان بڻجندو. امدادي پئڪيج جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته شهيد شهرين جي وارثن کي هڪ ڪروڙ رپيا ۽ زخمين کي 10 لک کان 20 لک رپين جا چيڪ ڏنا ويا آهن ۽ باقي رهجي ويل متاثرين کي جلد ادائيگي ڪئي ويندي. پاڪ فوج جي شهيدن جي وارثن کي رينڪ جي حساب سان هڪ ڪروڙ رپين کان هڪ ڪروڙ 80 لک رپين تائين جي ادائيگي ڪئي ويندي. شهيدن جي وارثن کي گهر جي سهولت لاءِ عهدي جي حساب سان هڪ ڪروڙ 90 لک کان وٺي 4 ڪروڙ 20 لک رپيا ڏنا ويندا. شهيدن جي رٽائرمينٽ جي مدي تائين انهن جي مڪمل پگهار الائونسز سميت جاري رهندي، شهيدن جي ٻارن کي گريجوئيشن تائين مفت تعليم ڏني ويندي. شهيدن جي ڌيئرن جي شادي جي لاءِ 10 لک رپين جي ميرج گرانٽ ڏني ويندي. پاڪ فوج جي زخمين کي 20 کان 50 لک رپيا ڏنا ويندا. هن چيو ته وطن جي خاطر قرباني ڏيندڙ عظيم شهيدن جي وارثن ۽ غازين جي خدمت ڪرڻ هر حڪومت جو فرض آهي.










