صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملاقات

اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم صدر کي جنرل سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي فيصلي بابت اعتماد ۾ ورتو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سان وزيراعظم جي ملاقات ۾ قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظمنذير تارڙ، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه …

اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم صدر کي جنرل سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي فيصلي بابت اعتماد ۾ ورتو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سان وزيراعظم جي ملاقات ۾ قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظمنذير تارڙ، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ منصوبابندي وارووفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پڻ موجود هئا. وزيراعظم صدر کي جنرل سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي فيصلي بابت اعتماد ۾ ورتو. ان موقعي تي صدر چيو ته جنرل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ هٿياربند فوج جي ملڪ جو ڪاميابي سان دفاع ڪيو. صدر چيو ته ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ، وطن جي ڪامياب دفاع ۽ بهترين حڪمت عملي تي جنرل سيد عاصم منير فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي جو مستحق آهي، ملاقات ۾ ڀارتي حملن جي جواب ۾ پاڪستان جي موثر جوابي ڪارروائي تي هٿياربند فوج جي قيادت ۽ پاڪ فوج کي ساراهيو ويو.