اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان تفصيلي مشاورت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين ڏکڻ ايشيا جي بدلجندڙ صورتحال، پاڪ چين دوستي جي مستقبل جي رخ ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان تفصيلي مشاورت

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان تفصيلي مشاورت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين ڏکڻ ايشيا جي بدلجندڙ صورتحال، پاڪ چين دوستي جي مستقبل جي رخ ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ ۽ فولادي دوستي کي ساراهيندي ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي گڏيل خيالن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ علائقائي امن، ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ٻطرفو تعاون جاري رکڻ جي پختي عزم جو اظهار ڪيو.











