اسلام آباد-19 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان پاڪستان ۾ مقرر جرمنيءَ جي سفير الفريڊ گراناز گذريل ڏينهن هڪ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي، اقتصادي ۽ صنعتي ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پاڪستان ريلوي جي نظام کي جديد بنائڻ ۽ اپ گريڊيشن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته …
وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان جرمني جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-19 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان پاڪستان ۾ مقرر جرمنيءَ جي سفير الفريڊ گراناز گذريل ڏينهن هڪ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي، اقتصادي ۽ صنعتي ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پاڪستان ريلوي جي نظام کي جديد بنائڻ ۽ اپ گريڊيشن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته جيئن ملڪي ريلوي نظام کي جديد ترين ٽيڪنالاجي موجب بهتر بنائي سگهجي. وفاقي وزير جرمني جي تجربن ۽ ماهرن جي مهارت مان فائدو کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ريلوي کي نه صرف بهتر انفراسٽرڪچر پر جديد فني سهولتون به فراهم ڪيون وينديون ته جيئن عوام کي محفوظ، تيز ۽ معياري سفري سهولتون ملي سگهن. ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن ريلوي سيڪٽر ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا، انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ صنعتي ڀائيواري جي موقعن تي ڳالهيون ڪيون. ملاقات دوران ٻنهي ڌُرين مستبقل ۾ گڏيل منصوبن تي ڪم ڪرڻ جي امڪانن تي غور ڪيو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ ناتن کي نين بلندين تائين وٺي وڃڻ گهرجي ته جيئن ملڪي معيشتن ۽ عوام کي فائدو پهچي. وفاقي وزير جرمني سفير کي گولڙه اسٽيشن جي تاريخي ميوزيم جي دؤري جي دعوت ڏني جيڪا پاڪستان جي ريلوي ورثي جي حفاظت ۽ هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي. جرمن سفير ان دعوت کي قبول ڪندي چيو ته جرمني ان حوالي سان پاڪستان سان سهڪار جاري رکندو ۽ هن مستقبل ۾ وڌيڪ گڏيل سرگرمين جي اميد ظاهر ڪئي. اها ملاقات ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي، صنعتي، ثقافتي ۽ فني سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ هاڪاري اڳڀرائي آهي ۽ ان سان پاڪستان يلوي جي نظام جي بهتري ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجهن ناتن کي وڌيڪ تقويت ملندي.











