وزيراعظم پاران بلوچستان ۾ 3 دهشتگردن کي مارڻ ۽ 2 کي زخمي ڪري گرفتار ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 19 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعن ڪيچ ۽ آواران ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد تنظيم بلوچستان لبريشن فرنٽ جي 3 دهشتگردن کي مارڻ ۽ 2 کي زخمي ڪري گرفتار ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت ۽ ڀارتي ايجنڊا جي خلاف وقت سر ڪارروائي …

اسلام آباد – 19 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعن ڪيچ ۽ آواران ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد تنظيم بلوچستان لبريشن فرنٽ جي 3 دهشتگردن کي مارڻ ۽ 2 کي زخمي ڪري گرفتار ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت ۽ ڀارتي ايجنڊا جي خلاف وقت سر ڪارروائي کي ساراهيندي چيو آهي ته بلوچستان ۾ معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي دهشتگردي جي ذريعي خطري ۾ وجهڻ جي ڀارتي سازش بي نقاب ٿي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ڀارت جي پاڪستان ۾ امن امان کي نقصان پهچائڻ جي ڪڌي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏينداسين، حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهن.