معاشي بهتري جي حوالي سان حڪومت جي ڪوششن جا مثبت نتيجا نڪري رهيا آهن: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) آءِ ٽي بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته معاشي بهتري جي حوالي سان حڪومت جي ڪوششن جا مثبت نتيجا نڪري رهيا آهن، ملڪي معيشت ترقي جي رستي تي گامزن آهي، ايندڙ ڪجهه سالن دوران آءِ ٽي جي شعبي ۾ 70 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري متوقع آهي. انهن خيالن جو اظهار هن هڪ تقريب کي خطاب دوران ڪيو. …

اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) آءِ ٽي بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته معاشي بهتري جي حوالي سان حڪومت جي ڪوششن جا مثبت نتيجا نڪري رهيا آهن، ملڪي معيشت ترقي جي رستي تي گامزن آهي، ايندڙ ڪجهه سالن دوران آءِ ٽي جي شعبي ۾ 70 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري متوقع آهي. انهن خيالن جو اظهار هن هڪ تقريب کي خطاب دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان خوشخبريان موجود آهن ۽ ايندڙ ڪجهه سالن دوران پاڪستان ۾ 70 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري متوقع آهي. هن چيو ته معاشي بهتري جي حوالي سان حڪومت جي ڪوششن جا مثبت نتيجا نڪري رهيا آهن ۽ قومي معيشت ترقي جي رستي تي گامزن آهي، ناڻي جي فراهمي ۾ نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاليسي ريٽ ۽ مهانگائي جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي جيڪا ترقي جي عڪاس آهي. پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جو بهادري سان جواب ڏنو آهي. شزا فاطمه خواجه چيو ته ڀارت سان تازي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان ٽيڪنالاجي جي حوالي سان دنيا آڏو اڀريو آهي. هن چيو ته پاڪستان 20 ڪروڙ موبائل سبسڪرائبرز جو اهم سنگ ميل به پار ڪري ورتو آهي.