پاڪستان ۾ عورتن جي انٽرنيٽ استعمال جي شرح ۾ گذريل سال دوران 12 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ

اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۾ عورتن جي انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ جي شرح ۾ گذريل سال 2024ع دوران 12 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. جي ايس ايم اي جي موبائيل جينڊر گيپ رپورٽ 2025ع ۾ موجب پاڪستان ۾ 45 سيڪڙو عورتون موبائيل انٽرنيٽ استعمال ڪن ٿيون جڏهن ته ڀارت ۾ اها شرح 39 ۽ بنگلاديش ۾ 26 سيڪڙو آهي. رپورٽ موجب گذريل سال ملڪ ۾ مردن جي …

اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۾ عورتن جي انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ جي شرح ۾ گذريل سال 2024ع دوران 12 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. جي ايس ايم اي جي موبائيل جينڊر گيپ رپورٽ 2025ع ۾ موجب پاڪستان ۾ 45 سيڪڙو عورتون موبائيل انٽرنيٽ استعمال ڪن ٿيون جڏهن ته ڀارت ۾ اها شرح 39 ۽ بنگلاديش ۾ 26 سيڪڙو آهي. رپورٽ موجب گذريل سال ملڪ ۾ مردن جي انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ جي شرح ۾ پڻ 7 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي ڀيٽ پاڪستان ۾ 93 سيڪڙو مرد موبائيل فون رکن ٿا جڏهن ته ڀارت ۾ اها شرح 71 سيڪڙو ۽ بنگلاديش ۾ 68 سيڪڙو آهي. رپورٽ موجب 2024ع ۾ موبائيل انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ جي شرح ۾ نمايان اضافي سان گڏوگڏ عورتن ۾ پڻ انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي.