“اسان سدائين توهان سان گڏ بيٺل آهيون” ترڪ صدر پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ”منهنجو عزيز ترين ڀاءُ“ چئي مخاطب

اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) ترڪ صدر رجب طيب اردوان سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ”منهنجو عزيز ترين ڀاءُ“ چئي مخاطب ڪيو. پنهنجي پوسٽ ۾ ترڪ صدر پاڪستان سان دلي محبت ۽ ٻڌي جو اظهار ڪيو. ترڪ صدر طيب اردوان شهباز شريف جي لاءِ پيغام ڏنو ته ”اسان سدائين توهان سان گڏ بيٺل آهيون.“ صدر اردوان …

اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) ترڪ صدر رجب طيب اردوان سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ”منهنجو عزيز ترين ڀاءُ“ چئي مخاطب ڪيو. پنهنجي پوسٽ ۾ ترڪ صدر پاڪستان سان دلي محبت ۽ ٻڌي جو اظهار ڪيو. ترڪ صدر طيب اردوان شهباز شريف جي لاءِ پيغام ڏنو ته ”اسان سدائين توهان سان گڏ بيٺل آهيون.“ صدر اردوان پنهنجي پوسٽ ۾ پاڪستاني قيادت جي دانشمندي جي ساراهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پنهنجي ٽوئيٽس ۾ مٽاسٽا ۾ هڪ ٻئي جي لاءِ ڀائيچاري جو مظاهرو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ غيرمعمولي گرمجوشي ڏسڻ ۾ آئي. ترڪ صدر ”پاڪستان ترڪيه دوستي زندهه آباد“ جو غيرمعمولي پيغام ڏنو. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر جا پاڪستان جي حمايت تي ٿورا ادا ڪيا هئا.

مزید خبریں