اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان تي اشتعال انگيز ڀارتي حملن جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪي سلامتي جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي پوري قوم پاڪ فوج ۽ پاڪ فضائيه جي بهادر سپوتن کي سلام پيش ڪري ٿي، ملڪي سلامتي ۽ خودمختياري تي ٿيندڙ هر حملي جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. …
صدر پاران پاڪستان تي اشتعال انگيز ڀارتي حملن جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن کي خراج عقيدت پيش
اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان تي اشتعال انگيز ڀارتي حملن جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪي سلامتي جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي پوري قوم پاڪ فوج ۽ پاڪ فضائيه جي بهادر سپوتن کي سلام پيش ڪري ٿي، ملڪي سلامتي ۽ خودمختياري تي ٿيندڙ هر حملي جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اسان کي پنهنجي شهيدن جي قربانين تي فخر آهي، پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوج ڀارتي جارحيت جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل رهيا. هن چيو ته اسان جي بهادر فوج قوم ۽ ملڪي سالميت جو ڪاميابي سان دفاع ڪيو، آپريشن ”بُنيانِ مرصوص“ سان اسان جي بهادر فوج دشمن جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. صدر چيو ته ڀارتي جارحيت پوري پاڪستاني قوم کي وڌيڪ متحد ۽ مضبوط ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستاني قوم ۽ ان جي بهادر فوج ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي. صدر ڀارتي حملن دوران ٻارن ۽ عورتن سميت قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر زخمين جي لاءِ جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.











