وزيراعظم محمد شهباز شريف جي جمعيت اهل حديث جي امير سينيٽر پروفيسر ساجد مير جي لاڏاڻي تي سندس وارثن سان تعزيت

سيالڪوٽ – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعيت اهل حديث جي امير سينيٽر پروفيسر ساجد مير جي لاڏاڻي تي سندس گهر پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف مرحوم ساجد مير جي درجن جي بلندي ۽ سندس گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. هن چيو ته ساجد مير پاڪستان جي اهل بصيرت …

سيالڪوٽ – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعيت اهل حديث جي امير سينيٽر پروفيسر ساجد مير جي لاڏاڻي تي سندس گهر پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف مرحوم ساجد مير جي درجن جي بلندي ۽ سندس گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. هن چيو ته ساجد مير پاڪستان جي اهل بصيرت سياسي شخصيت ۽ ديني اسڪالر هو. سندس لاڏاڻي سان پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ هڪ اهڙو خال پيدا ٿي ويو جيڪو شايد ئي ڪڏهن پورو ٿي سگهندو. وزيراعظم چيو ته ساجد مير سدائين انتهاپسندي ۽ فرقيواريت جي خلاف آواز اٿاريو، جيڪو سندس سياست ۽ دين جي خدمتن جو سنهري باب آهي، مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ مون سميت پوري قوم جون همدرديون ساجد مير جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف سيالڪوٽ ۾ صوبائي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مرحوم چوڌري ارشد وڙائچ جي رهائشگاهه تي وڃي مرحوم جي پونئيرن سان تعزيت ڪئي. وزيراعظم مرحوم جي مغفرت جي لاءِ دعا ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ حوصلي جي دعا ڪئي. منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.