سڄي ملڪ ۾ ڀارتي اڳرائي خلاف پاڪ فوج جي آپريشن ”بنيان مرصوص“ جي شاندار ڪاميابي تي شڪراني وارو ڏهاڙو ملهايو ويو

اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اعلان تي وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ ڀارتي اڳرائي خلاف پاڪ فوج جي آپريشن ”بنيان مرصوص“ جي شاندار ڪاميابي تي ڪالهه شڪراني جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ان موقعي تي مختلف تقريبون ٿيون ۽ ريليون ڪڍيون ويون جن ۾ پاڪ فوج جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن کي سلام پيش ڪيو ويو، جڏهن …

اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اعلان تي وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ ڀارتي اڳرائي خلاف پاڪ فوج جي آپريشن ”بنيان مرصوص“ جي شاندار ڪاميابي تي ڪالهه شڪراني جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ان موقعي تي مختلف تقريبون ٿيون ۽ ريليون ڪڍيون ويون جن ۾ پاڪ فوج جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن کي سلام پيش ڪيو ويو، جڏهن ته مسجدن ۾ شڪراني جا نفل ادا ڪيا ويا، گڏوگڏ ملڪ جي سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ پاڪ فوج جي ڪاميابين ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا وارين تقريبن جو بندوبست ڪيو ويو. اقليتي برادري به پنهنجي عقيدن موجب خاص عبادت ۽ دعائن جو بندوبست ڪيو. سماجي ۽ سياسي اڳواڻن، واپاري برادري، وڪيلن، شاگرن، مذهبي تنظيمن، مزدور يونين جي اڳواڻن، پورهيتن ۽ زندگي جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهن انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. اسلام آباد ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ شڪراني جو ڏهاڙو ملهائڻ جي موقعي تي هڪ شاندار تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، نائب صدر انجم عقيل خان ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو ۽ پاڪ فوج جي ڪاميابي کي عالم اسلام جي ڪاميابي قرار ڏنو. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وفاقي وزير مسلم ليگ (ن) جي قيادت سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ پاڪ فوج جي شاندار فتح تي قوم کي مبارڪون ڏنيون. وفاقي پوليس ريلي جو بندوبست ڪيو ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. اسلام آباد کانسواءِ ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ به شڪراني واري ڏهاڙي جون تقريبون ٿيون، عالم سڳورن مسجدن ۾ خاص دعائن جو بندوبست ڪيو ۽ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي ۽ پاڪ فوج جي حفاظت لاءِ دعائون گهريون ويون. نوجوانن ۽ بزرگن انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪئي ۽ دهشتگردي جي خاتمي سميت ملڪ جي دفاع لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ جوانن ۽ آفيسرن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعائون گهريون ويون. پاڪ فوج جي هاڻوڪي ڪاميابي تي شڪراني جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج جي حق ۾ نعريبازي پڻ ڪئي وئي ۽ ڀارتي اڳرائي خلاف پاڪ فوج جي آپريشن ”بنيان مرصوص“ جي شاندار ڪاميابي کانپوءِ شڪرانو ملهائڻ جي موقعي تي لاهور ۾ نفل ادا ڪيا ويا.