مڪو شريف-11 مئي (اي پي پي) پاڪستاني حج پانڌيئڙن پاڪ فوج کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم کي ڀارتي اڳرائي جو بهادري ۽ وقت سر جواب ڏيڻ تي فخر آهي، پاڪستان اسلام جي نالي تي قائم ٿيو ۽ دنيا جي ڪا به طاقت ان جي وجود کي ختم نٿي ڪري سگهي. ڪالهه هتي اي پي پي سان ڳالهائيندي الله تعاليٰ جي مهمانن ان ڳالهه تي …
پاڪستاني حج پانڌيئڙن پاران پاڪ فوج کي زبردست خراج تحسين پيش
مڪو شريف-11 مئي (اي پي پي) پاڪستاني حج پانڌيئڙن پاڪ فوج کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم کي ڀارتي اڳرائي جو بهادري ۽ وقت سر جواب ڏيڻ تي فخر آهي، پاڪستان اسلام جي نالي تي قائم ٿيو ۽ دنيا جي ڪا به طاقت ان جي وجود کي ختم نٿي ڪري سگهي. ڪالهه هتي اي پي پي سان ڳالهائيندي الله تعاليٰ جي مهمانن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪ سرزمين جا بهادر پٽ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هر وقت چوڪس آهن. هنن آپريشن بنيان مرصوص کي پاڪستان جي سمورن دشمنن لاءِ هڪ واضح ۽ طاقتور پيغام قرار ڏنو. حج پانڌيئڙن وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڀارتي اڳرائي جو هٿياربند فوج جي ڀرپور جواب ۽ آپريشن بنيان مرصوص جي ڪاميابي جي اعتراف ۾ شڪراني وارو ڏهاڙو ملهائڻ جي اعلان جي به آجيان ڪئي. سندن چوڻ هو ته مقدس شهرن مڪي شريف ۽ مديني شريف ۾ هنن قومي يڪجهتي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون ڪيون. لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر شبانه جميشد ابڙو وقت سر ۽ فيصلائتي چونڊ ڪرڻ تي پاڪ فوج ۽ قومي قيادت تي بي حد فخر جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان جي بهادر فوج جي تاريخ سنهري لفظن ۾ لکي ويندي. هن شهيدن ۽ غازين لاءِ خاص دعائون ڪرڻ جو به ذڪر ڪيو. ڊاڪٽر جمشيد ابڙو چيو ته پوري قوم ڀارتي اڳرائي آڏو فولادي ڀت وانگر متحد آهي. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج بي مثال بهادري ۽ پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪيو جنهن تي هر پاڪستاني کي فخر آهي. هن ڀارتي خطري کي ڪاميابي سان ناڪام بڻائڻ تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ۽ هٿياربند فوج کي سلام پيش ڪيو. لاهور سان تعلق رکندڙ حاجي حسن به هٿياربند فوج جي ساراهه ڪئي. هن چيو ته الحمد الله پاڪستان ڪاميابي ماڻي جنهن ڀارت کي هڪ مثالي سبق ڏنو، هي ڪاميابي الله تعاليٰ جي نعمت آهي ۽ اسان جي ماڻهن جي اتحاد ۽ اسان جي فوج جي شاندار پيشيوراڻي مهارت جي ڪري آهي. ڪراچي سان تعلق رکندڙ عزيزه نعيم پاڪستان جي هٿياربند فوج کي دنيا جي بهترين فوج قرار ڏنو، هن چيو ته هن پاڪستان جي تحفظ ۽ فلاح ۽ بهبود لاءِ ڀرپور دعائون ڪيون آهن. هن چيو ته هي اسان جا بهادر پٽ آهن جن جي ڪري اسان پنهنجي گهرن ۾ بنا ڪنهن خوف جي سڪون سان ننڍ ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج پائنده باد.












