سڄي ملڪ جيان ڪراچي ۾ مختلف سياسي ۽ مذهبي پارٽين آپريشن بنيان مرصوص جي ڪاميابي تي شڪراني وارو ڏهاڙو ملهايو

ڪراچي-11 مئي (اي پي پي)سڄي ملڪ جيان ڪراچي ۾ به آچر ڏينهن مختلف سياسي ۽ مذهبي پارٽين ۽ عوام هندستاني جارحيت خلاف آپريشن بنيان مرصوص جي ڪاميابي تي شڪراني وارو ڏهاڙو ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ سڄي شهر ۾ ريليون ڪڍيون ويون جن ۾ ڀارت خلاف نعريبازي ڪئي وئي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شرڪت …

ڪراچي-11 مئي (اي پي پي)سڄي ملڪ جيان ڪراچي ۾ به آچر ڏينهن مختلف سياسي ۽ مذهبي پارٽين ۽ عوام هندستاني جارحيت خلاف آپريشن بنيان مرصوص جي ڪاميابي تي شڪراني وارو ڏهاڙو ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ سڄي شهر ۾ ريليون ڪڍيون ويون جن ۾ ڀارت خلاف نعريبازي ڪئي وئي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان زنده باد ، پاڪ فوج زنده باد جا نعرا هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن مٺايون پڻ ورهايون. ان کان علاه مختلف سياسي ۽ مذهبي پارٽين جي ريلين ۾ پڻ آپريشن بنيان مرصوص جي ڪاميابي جي خوشي ۾ مٺايون ورهايون ويون. ڪراچي جي عوام پاڪ فوج کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي ان عزم کي ورجايو ته ملڪ جو عوام پاڪ فوج سان هر محاذ تي گڏ آهي.هنن چيو ته پاڪ فوج دشمن جي جارحيت جو زبردست جواب ڏئي قوم جو ڪنڌ فخر سان بلند ڪيو آهي. هنن چيو ته پاڪ ايئر فورس دشمن کي اهڙو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي جو هو آئينده جارحيت ڪرڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيندو. ريلين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته الله پاڪ جو شڪر آهي جنهن اسان کي ان جنگ ۾ فتح نصيب فرمائي آهي. هنن چيو ته پاڪستان جي ڪارروائي ۾ هندستان کي اربين ڊالرن جو نقصان پهتو آهي ۽ مودي کي شرمساري پلئه پئي آهي. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف آپريشن بنيان مرصوص جي ڪاميابي تي آچر ڏينهن شڪراني جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو.