نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي گڏيل عرب امارات جي هم منصب سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه، خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏيل عرب امارات جي تعميري سفارتي ڪوششن جي واکاڻ

اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل عرب امارات جي هم منصب شيخ عبدالله بن زيد سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي تعميري سفارتي ڪوششن کي ساراهيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ …

اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل عرب امارات جي هم منصب شيخ عبدالله بن زيد سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي تعميري سفارتي ڪوششن کي ساراهيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي تي خوشي جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي تعميري سفارتي ڪوششن کي ساراهيو.