پي سي بي طرفان ملڪ ۾ موجوده سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورا ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽس فوري طور معطل ڪرڻ جو اعلان

راولپنڊي – 10 مئي (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ملڪ ۾ موجوده سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي جاري ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽس کي فوري طور تي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي طرفان جاري ڪيل تفصيل مطابق پريذيڊنٽ ٽرافي گريڊ ٽو، ريجنل انٽر ڊسٽرڪٽ چئلينج ڪپ ۽ انٽر ڊسٽرڪٽ انڊر 19 ون ڊي ٽورنامينٽ کي فوري طور ملتوي ڪيو ويو آهي. انهن مقابلن …

راولپنڊي – 10 مئي (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ملڪ ۾ موجوده سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي جاري ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽس کي فوري طور تي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي طرفان جاري ڪيل تفصيل مطابق پريذيڊنٽ ٽرافي گريڊ ٽو، ريجنل انٽر ڊسٽرڪٽ چئلينج ڪپ ۽ انٽر ڊسٽرڪٽ انڊر 19 ون ڊي ٽورنامينٽ کي فوري طور ملتوي ڪيو ويو آهي. انهن مقابلن کي سيڪيورٽي خدشن سبب ملتوي ويو آهي ته جيئن رانديگرن ۽ آفيشلز جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي. پي سي بي جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ٽورنامينٽس بعد ۾ ان ئي مرحلي کان ٻيهر شروع ڪيا ويندا جتان انهن کي روڪيو ويو هو ۽ انهن لاءِ نئون شيڊول بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.