پاڪستان جا نوجوان ڀارتي ميڊيا جي ڊس انفارميشن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا ذريعي سچ کي دنيا آڏو آڻين: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قوم اڳين محاذن تي ملڪ جو بچاءُ ڪندڙ زميني، سامونڊي ۽ فضائي فوج جي جوانن سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان جا نوجوان ڀارتي ميڊيا جي ڊس انفارميشن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا ذريعي سچ کي دنيا آڏو آڻين. هي وقت آهي ته ملڪ جو هر فرد پنهنجي پنهنجي صلاحيتن موجب پاڪستان جي …

اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قوم اڳين محاذن تي ملڪ جو بچاءُ ڪندڙ زميني، سامونڊي ۽ فضائي فوج جي جوانن سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان جا نوجوان ڀارتي ميڊيا جي ڊس انفارميشن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا ذريعي سچ کي دنيا آڏو آڻين. هي وقت آهي ته ملڪ جو هر فرد پنهنجي پنهنجي صلاحيتن موجب پاڪستان جي بچاءُ ۾ ڪردار ادا ڪري. پ پ جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب پ پ سان پ پ ڏکڻ پنجاب ۽ پ پ ڪي پي ڪي جي اڳواڻن ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري کي پ پ ڏکڻ پنجاب ۽ پ پ ڪي پي ڪي جي اڳواڻن ڀارتي اڳرائيءَ بابت عوامي جذبن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پ پ جو سيڪريٽري جنرل همايون خان ۽ پ پ پ پ جو سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري به موجود هئا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جو عوام سياسي، سماجي ۽ صوبائي ورڇ کان مٿانهون ٿي ڀارتي اڳرائيءَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هڪ پيج تي آهي، قوم اڳين محاذن تي ملڪ جو بچاءُ ڪندڙ زميني، سامونڊي ۽ هوائي فوج جي جوانن سان گڏ بيٺل آهي. هي وقت آهي ته اسان سمورا اختلاف وساري پوري دنيا کي متحد ٿيڻ جو پيغام ڏيون. هن چيو ته ڀارتي حڪومت سچ کي لڪائڻ لاءِ پاڪستان جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس ۽ ميڊيا هائوسز تي پابندي لڳائي آهي. ڀارتي عوام تائين سچ جي رسائي روڪڻ لاءِ سمورن امڪاني ذريعن تي پابندي لڳائڻ جا حربا ڀارتي حڪومت جي بوکلاهٽ جو ثبوت آهن. پاڪستان جا نوجوان ڀارتي ميڊيا جي ڊس انفارميشن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا ذريعي سچ کي دنيا آڏو آڻين. هي وقت آهي ته ملڪ جو هر فرد پنهنجي پنهنجي صلاحيتن موجب پاڪستان جي بچاءُ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي ته پ پ ڪي پي ڪي جي تنظيم 26 مئي تي ڀارتي اڳرائيءَ خلاف پشاور ۾ ريليءَ جو بندوبست ڪري ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري سان پ پ ڪي پي ڪي جي جنرل سيڪريٽري شازي خان، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ابرار سعيد ۽ هزاره ڊويزن جي صدر ملڪ فاروق، ضلعي ايبٽ آباد جو صدر سعيد سليم شاهه، هري پور جو صدر جهانزيب خان، راولپنڊي ضلعي جو صدر افتخار شهزاده، قومي اسيمبليءَ جو ميمبر قاسم گيلاني ۽ پ پ 215 تان پارٽي جو ٽڪيٽ هولڊر شڪيل لابر، موسيٰ لابر ۽ ميان خالد حميد به ملاقات ڪئي.