ڀارتي دعويٰ ڪوڙي آهي، ڀارتي حملن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت عام شهري ماريا ويا آهن: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پاڪستان ۾ دهشتگردن جي انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائڻ جي ڀارتي دعويٰ کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڀارتي حملن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت عام شهري ماريا ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت دوران ڪجهه مسجدن کي پڻ …

اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پاڪستان ۾ دهشتگردن جي انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائڻ جي ڀارتي دعويٰ کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڀارتي حملن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت عام شهري ماريا ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت دوران ڪجهه مسجدن کي پڻ شهيد ڪيو ويو يا نقصان پهچايو ويو، اهڙي طرح نيلم جهلم هائيڊرو اليڪٽرڪ پراجيڪٽ جي ڪجهه حصن کي ڀارتي گولا باري سان نقصان پهتو آهي جيڪا عالمي ڪنوينشنز جي خلاف ورزي آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڀارت کي انهن ڏوهن جو جوابده هجڻ گهرجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پهلگام حملي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ڀارتي ڪوششن کي پڻ رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ڪيترن ئي ملڪن جو گهر آهي ۽ هي خطرو ڀارت جي غيرذميواراڻي قدمن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. ترجمان چيو ته ڀارتي قيادت پهلگام حملي جي ڏس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي مظلوميت جي پنهنجي شرمناڪ داستان کي اڳتي وڌايو آهي. هن چيو ته ڀارتي جارحيت ۽ قدمن سان علائقائي امن کي خطرو آهي. ترجمان چيو ته گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جهڙن عالمي ادارن سان سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن گذريل ٻن هفتن دوران تحمل کان ڪم وٺڻ جي اپيل ڪئي هئي، اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي ته ڀارت انهن مطالبن تي ڌيان نه ڏنو. عالمي برادري کي گهرجي ته اها ڀارت کي ان جي غيرذميواراڻي، غيرقانوني ۽ جارحاڻي طرز عمل جي لاءِ جوابده بڻائي. هن ياد ڏياريو ته ڀارت جي پرڏيهي سيڪريٽري گذريل ڏينهن پاڪستان تي ڪيترائي الزام هنيا جيڪي هٿ ٺوڪيا ۽ بي بنياد آهن. هن چيو ته اها دعويٰ ته پاڪستان پهلگام حملي جي ذريعي حالتن کي وڌيڪ خراب ڪيو، مڪمل طور تي کل جوڳي آهي. هن يچو ته اڄ تائين ڀارت ان دعويٰ کي سچو ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪو اعتماد جوڳو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو آهي. شفقت علي خان ان ڳالهه تي حيرت جو اظهار ڪيو ته ڀارتي حڪومت پهلگام حملي بابت گمنام ۽ مشڪوڪ سوشل ميڊيا پوسٽ کي اهميت ڏني. هن سوال اٿاريو ته ڇا دنيا جي ڪنهن به ملڪ کي ڪجهه سوشل ميڊيا پوسٽس جي بنياد تي ڪنهن ٻئي ملڪ تي حملو ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي. ترجمان چيو ته ڀارت جيوري، جج ۽ جلاد جي طور تي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ممبئي ۽ پٺاڻ ڪوٽ واقعن جي جاچ ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڀارت جي عدم تعاون جي رويي جي ڪري اڳڀرائي نه ڪري سگهيا آهيون. ترجمان چيو ته ڀارت پاڻ کي دهشتگردي جو شڪار جي طور تي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ هو پاڪستان ۾ دهشتگردي جي منصوبابندي، حمايت ۽ ان جي حوصلا افزائي ۾ پنهنجي ڪردار کي آساني سان نظرانداز ڪري ٿو. هن ڪلڀوشن ياديو جي ڪيس جو مثال ڏيندي چيو ته اهو ڪو راز نه آهي ته ڀارت جو ٽارگيٽيڊ قتل ۽ ٻين تخريبي سرگرمين جو نيٽ ورڪ عالمي سطح تي پکڙجي چڪو آهي. ترجمان نشاندهي ڪئي ته پهلگام تي حملو پاڪستان نه ڪيو پر ان جي ابتڙ ڀارت پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن تي حملو ڪيو ۽ اهو ته پاڪستان پنهنجي دفاع جي لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر ۾ لکيل سمورن قدمن جو حق محفوظ رکي ٿو.

مزید خبریں