اسلام آباد - 09 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي حاجي رسُول بخش چانڊيو چيو آهي ته پاڪ فوج جي جواب کانپوءِ مُودي ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي لائق ناهي بچيو، ڀارت کي اسان اهڙو سبق سيکارينداسين جو انهن جا ايندڙ ڪيترائي نسل ياد رکندا، ايوان ۾ صرف پاڪستان ۽ پاڪستان جي دفاع جي ڳالهه ٿيڻ گهُرجي،ضرورت پئي ته اڳين مورچن تي فوج سان گڏجي وڙهنداسين …
پاڪ فوج جي جواب کانپوءِ مُودي ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي لائق ناهي رهيو: حاجي رسُول بخش چانڊيو جو قومي اسيمبلي ۾ خطاب

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي حاجي رسُول بخش چانڊيو چيو آهي ته پاڪ فوج جي جواب کانپوءِ مُودي ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي لائق ناهي بچيو، ڀارت کي اسان اهڙو سبق سيکارينداسين جو انهن جا ايندڙ ڪيترائي نسل ياد رکندا، ايوان ۾ صرف پاڪستان ۽ پاڪستان جي دفاع جي ڳالهه ٿيڻ گهُرجي،ضرورت پئي ته اڳين مورچن تي فوج سان گڏجي وڙهنداسين ۽ وقت اچڻ تي پنهنجن سينن سان بم ٻڌي ٽينڪن آڏو سمهڻ کان به نه ڪيٻائينداسين. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڀارت جي جارحيت تي جاري بحث ۾ حصو وٺندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي حاجي رسُول بخش چانڊيو چيو ته ڀارت کي اسان اهڙو سبق سيکارينداسين جو انهن جا ايندڙ ڪيترائي نسل ياد رکندا، سُپهه سالار جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج جي ڀرپُور جواب ڏيڻ کانپوءِ مُودي ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي لائق ناهي بچيو، هِن چيو ته ڀارت رات جي اُونداهي ۾ اسان جي عوام تي حملا ڪيا، هُنن ڏٺو ته اهي ان اونداهي ۾ ئي ڪامياب ٿي سگهن ٿا ڇو جو انهن کي ائين ڏينهن جو اسان جو مقابلو ڪرڻ جي سگهه ئي ناهي پر انهن کي ڪهڙي خبر ته اسان جا شاهين سُپهه سالار جي قيادت ۾ هر وقت جاڳي رهيا آهن ۽ انهن جڏهن کين ڀرپُور جواب ڏنو ته هاڻي انهن جُون رڙيُون پُوري دُنيا ٻُڌي رهي آهي، حاجي رسُول بخش چانڊيو چيو ته پُور قوم هِن وقت پاڪ فوج سان گڏ آهي ۽ ضرورت پئي ته اڳين مورچن تي فوج سان گڏجي وڙهنداسين، هِن چيو ته مُلڪ جي دفاع لاءِ ننڍڙو ٻار به وڙهندو ۽ اسان اڳ واري تاريخ وري ورجائينداسين ۽ وقت اچڻ تي پنهنجن سينن سان بم ٻڌي ٽينڪن آڏو سمهڻ کان به نه ڪيٻائينداسين. هِن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳ ئي واضع لفظن ۾ چئي ڇڏيو آهي ته اسان پاڪ فوج سان گڏ آهيُون ۽ مُودي کي اهڙو جواب ڏينداسين جو انهن جا ايندڙ ڪيترائي نسل ياد رکندا، هِن چيو ته ايوان ۾ صرف پاڪستان ۽ پاڪستان جي دفاع جي ڳالهه ٿيڻ گهُرجي پر هتي هرڪو پنهنجو روئڻو ٿو روئي، جيڪڏهن اهڙا ڪڌا ڪم نه ڪيا وڃن ته روئڻ جي ضرورت به نه پوندي، هِن چيو ته ڀارت مسلسل پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙي رهيو آهي، هِن جعفر ايڪپريس حملي کانپوءِ سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جي حرڪت ڪئي هاڻي کين مُنهن جي کائڻي پئي آهي ۽ هُو پاڪستان تي بي بنياد الزام هڻي رهيو آهي ۽ خطي ۾ دهشتگردي ڦهلائي رهيو آهي، هن چيو ته اسان سڀ متحد آهيُون ۽ پاڪ فوج سميت سڀني ادارن سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل آهيُون ۽ مُلڪ تي ڪو ڌٻو اچڻ نه ڏينداسين.











