راولپنڊي-09 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي هٿياربند فوج جمع جي ڏينهن صبح جو سوير پاڪپتن ۽ اوڪاڙه ۾ وڌيڪ 6 ڀارتي ڊرونز کي ماري ڪيرايو، جن مان ڪو به ڀارتي ڊرون پنهنجي نشاني تائين نه پهچي سگهيو. پاڪستان جي هٿياربند فوج هن وقت تائين دشمن جا 77 ڊرون ڪيرائي چڪي آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب دشمن طرفان جمعي جي صبح سوير پاڪپتن ۽ اوڪاڙه جي علائقن ۾ 6 ڊورنز موڪليا …
پاڪ فوج پاران پاڪپتن ۽ اوڪاڙه ۾ وڌيڪ 6 ڀارتي ڊرونز ڪيرايا ويا

مزید خبریں
راولپنڊي-09 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي هٿياربند فوج جمع جي ڏينهن صبح جو سوير پاڪپتن ۽ اوڪاڙه ۾ وڌيڪ 6 ڀارتي ڊرونز کي ماري ڪيرايو، جن مان ڪو به ڀارتي ڊرون پنهنجي نشاني تائين نه پهچي سگهيو. پاڪستان جي هٿياربند فوج هن وقت تائين دشمن جا 77 ڊرون ڪيرائي چڪي آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب دشمن طرفان جمعي جي صبح سوير پاڪپتن ۽ اوڪاڙه جي علائقن ۾ 6 ڊورنز موڪليا ويا، پاڪ فوج انتهائي مهارت سان سمورا 6 ڊرونز ماري ڪيرايا. دشمن جي ڊرونز ذريعي حملي جون سموريون ڪوششون ناڪام بڻائي ڇڏيون. هن وقت تائين پاڪ فوج ڀارت جا ڪل 77 ڊرونز کي تباهه ڪيو آهي، 8 مئي جي شام تائين 29 ڀارتي ڊرونز کي ماري ڪيرايو ويو جڏهن ته ڪالهه رات کان اڄ ڏينهن تائين وڌيڪ 48 ڊرونز تباهه ڪيا ويا، پاڪ فوج دشمن جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي رهي آهي.











